نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاران ڊيووس ۾ پاٿ فائنڊر گروپ جي پاڪستان پويلين جو افتتاح

ڊيووس - 21 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڊيووس ۾ منعقد ورلڊ اڪنامڪ فورم جي سالياني اجلاس 2026ع جي موقعي تي پاٿ فائنڊر گروپ جي پاڪستان پويلين جو افتتاح ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم عالمي سطح تي پاڪستان جي وسيع معاشي صلاحيت ۽ اڀرندڙ موقعن کي اڳتي وڌائڻ جي ان قدم کي ساراهيو ۽ پاڪستاني اسٽارٽ اپس جي جدت، تخليقي صلاحيت …

ڊيووس – 21 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڊيووس ۾ منعقد ورلڊ اڪنامڪ فورم جي سالياني اجلاس 2026ع جي موقعي تي پاٿ فائنڊر گروپ جي پاڪستان پويلين جو افتتاح ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم عالمي سطح تي پاڪستان جي وسيع معاشي صلاحيت ۽ اڀرندڙ موقعن کي اڳتي وڌائڻ جي ان قدم کي ساراهيو ۽ پاڪستاني اسٽارٽ اپس جي جدت، تخليقي صلاحيت ۽ متحرڪ ڪردار کي اجاگر ڪيو. هن سماجي ۽ معاشي ترق يجي فروغ ۽ مختلف شعبن ۾ جدت کي اڳتي وڌائڻ ۾ اسٽارٽ اپس جي اهم ڪردار جو ذڪر ڪيو. هن نوجوانن جي قيادت ۾ هلندڙ ڪاروباري منصوبن ۽ اسٽارٽ اپس سميت سمورن ڪاروباري ماڻهن جي حوصلا افزائي ۽ معاونت جي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ته جيئن پاڪستان جي معاشي صلاحيت کي مڪمل طور تي استعمال ۾ آڻي سگهجي.

مزید خبریں