اسلام آباد -21 جنوري (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ۽ مملڪتي گهرو وزير طلال چوڌري سان مفتي اعظم پاڪستان مفتي منيب الرحمان جي سربراهي ۾ هڪ اعليٰ سطح جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي صورتحال، امن جي قيام ۽ مذهبي هم آهنگي سميت عالم سڳورن جي درپيش مسئلن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران عالم سڳورن جي مسئلن جي حل لاءِ هڪ …
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ مملڪتي گهرو وزير طلال چوڌري سان مفتي اعظم پاڪستان مفتي منيب الرحمان جي سربراهي ۾ وفد جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد -21 جنوري (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ۽ مملڪتي گهرو وزير طلال چوڌري سان مفتي اعظم پاڪستان مفتي منيب الرحمان جي سربراهي ۾ هڪ اعليٰ سطح جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي صورتحال، امن جي قيام ۽ مذهبي هم آهنگي سميت عالم سڳورن جي درپيش مسئلن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران عالم سڳورن جي مسئلن جي حل لاءِ هڪ خصوصي ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ڪميٽي جي قيادت مملڪتي گهرو وزير طلال چوڌري ڪندو. ميمبرن ۾ مفتي منيب الرحمان ۽ ٻيا عالم سڳورا ان ڪميٽي جو حصو هوندا. اها ڪميٽي مسئلن جي مستقل ۽ عمل جوڳي حل لاءِ پنهنجون سفارشون پيش ڪندي. وفاقي گهرو وزير محسن نقويءَ مفتي منيب الرحمان ۽ ٻين عالم سڳورن جي خدمتن جي تعريف ڪندي چيو ته مفتي منيب الرحمان سڀني لاءِ احترام لائق آهي ۽ هن هميشه اتحاد، اتفاق ۽ يڪجهتي جو درس ڏنو آهي. هو سڀني کي گڏ رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. محسن نقوي زور ڀريو ته اسان سڀئي هڪ آهيون ۽ پاڪستان سڀني کان اول آهي. هن خاطري ڪرائي ته عالم سڳورن جي مسئلن جو جائزو وٺي کين فوري حل ڪرڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا ويندا. مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو ته پاڪستان جي استحڪام لاءِ عالم سڳورن جون خدمتون تعريف جوڳيون آهن. ملاقات جي پڄاڻي تي مفتي منيب الرحمان ملڪ جي سلامتي، ترقي، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعا پڻ ڪئي. وفد ۾ علامه لياقت حسين اظهري، مفتي عابد مبارڪ المدني ۽ ملڪ محمد ابراهيم، وفاقي گهرو سيڪريٽري محمد خرم آغا، آءِ جي اسلام آباد علي ناصر رضوي ۽ ٻيون اعليٰ اختياريون موجود هيون.











