اسلام آباد - 21 جنوري (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان چين جي سفير ملاقات ڪئي. ملاقات پاڪ-چين زرعي سيڙپڪاري ڪانفرنس جي موقعي تي ٿي، جنھن ۾ ٻنھي ملڪن طرفان اقتصادي رابطن جي استحڪام ۽ توسيع کي اسٽريٽيجڪ ترجيح قرار ڏنو ويو. واپار واري وفاقي وزير جي قيادت ۾ پاڪستاني وفد ۾ سيڪريٽري واپار، ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان جو چيف ايگزيڪيپٽو ۽ پرڏيھي وزارت …
واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان چين جي سفير جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 جنوري (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان چين جي سفير ملاقات ڪئي. ملاقات پاڪ-چين زرعي سيڙپڪاري ڪانفرنس جي موقعي تي ٿي، جنھن ۾ ٻنھي ملڪن طرفان اقتصادي رابطن جي استحڪام ۽ توسيع کي اسٽريٽيجڪ ترجيح قرار ڏنو ويو. واپار واري وفاقي وزير جي قيادت ۾ پاڪستاني وفد ۾ سيڪريٽري واپار، ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان جو چيف ايگزيڪيپٽو ۽ پرڏيھي وزارت جون سينيئر اختياريون به موجود ھيون. واپار واري وفاقي وزير چين جي سفير جي آجيان ڪئي ۽ پاڪستان جي ايڪسپورٽ وڌائڻ جي پڪي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ھن چيو ته پاڪستان ايڪسپورٽ کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ گھڻ رخي حڪمت عملي تي عمل ڪري رھيو آھي. جنھن ۾ حڪومت سان حڪومت (جي ٽو جي) سھڪار سان گڏو گڏ واپار کان واپار ( بي ٽو بي) رابطن کي به استعمال ۾ آڻيندي واپار ۾ تيزي ۽ ٻنھي دوست ملڪن جي اقتصادي شراڪتداري کي وڌيڪ گھرو ڪرڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. ملاقات ۾ زرعي مصنوعات جي شعبي ۾ ٻه طرفو واپار وڌائڻ لاءِ ٺوس موقعن جي نشاندھي ۽ انھن جي ڳولا تي جامع ڳالھيون ٿيون. ٻنھي ڌرين موجوده واپاري صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ توسيع جي امڪاني رستن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. چين جي سفير مضبوط زرعي واپار جي اھميت کي قبول ڪندي چين جي موجوده امپورٽ واري ضابطه جاتي فريم ورڪ (امپورٽ ريگيوليٽري فريم ورڪ) جو به جائزو پيش ڪيو. ٻنھي طرفان ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ھاڪاري اڳڀرائي کي برقرار رکڻ لاءِ گڏيل رابطا ۽ ڳالھيون مسلسل جاري رکيون وينديون.











