مري، گليات ۽ ڀرپاسي ۾ شديد برسات ۽ برفباري جو امڪان، سياحن جي سهولت لاءِ مري ۾ 13 سهولت سينٽر قائم ڪيا ويا آهن: ڊي جي پي ڊي ايم اي

 لاهور - 21 جنوري(اي پي پي) ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) پي ڊي ايم اي عرفان علي ڪاٺيا چيو آهي ته 23 جنوري 2026ع تائين مري،گليات ۽ پسگردائي ۾ شديد برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي. سياحن جي سهولت لاءِ مري ۾ 13 سهولت سينٽر قائم ڪيا ويا آهن. پنجاب جي رليف ڪمشنر نبيل جاويد امڪاني برفباري جي حوالي سان لاڳاپيل ادارن کي هاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت جاري ڪندي چيو …

 لاهور – 21 جنوري(اي پي پي) ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) پي ڊي ايم اي عرفان علي ڪاٺيا چيو آهي ته 23 جنوري 2026ع تائين مري،گليات ۽ پسگردائي ۾ شديد برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي. سياحن جي سهولت لاءِ مري ۾ 13 سهولت سينٽر قائم ڪيا ويا آهن. پنجاب جي رليف ڪمشنر نبيل جاويد امڪاني برفباري جي حوالي سان لاڳاپيل ادارن کي هاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت جاري ڪندي چيو آهي ته ڪنهن به اوچتي آفت کان بچڻ لاءِ انتظاميه 24 ڪلاڪ هاءِ الرٽ رهي. هن چيو ته برسات ۽ برفباري سبب روڊن تي ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿي سگهي ٿي. ٽريفڪ جي رواني کي بحال رکڻ لاءِ انتظام اڳ ئي مڪمل ڪن. هنگامي صورتحال ۾ پي ڊي ايم جي هيلپ لائن 1129 تي رابطو ڪيو وڃي.

مزید خبریں