اسلام آباد- جنوري 21 (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، اقتصادي معاملن ۽ پارلياماني معاملن واري وزارت جي پبلڪ رليشنز آفيسر، بلال احمد جي والد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير سوڳوار خاندان سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته بلال احمد جي والد جي لاڏاڻي جي خبر …
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاران اقتصادي معاملن ۽ پارلياماني معاملن واري وزارت جي پبلڪ رليشنز آفيسر بلال احمد جي والد جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد- جنوري 21 (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، اقتصادي معاملن ۽ پارلياماني معاملن واري وزارت جي پبلڪ رليشنز آفيسر، بلال احمد جي والد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير سوڳوار خاندان سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته بلال احمد جي والد جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي مون کي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي. والد جهڙي هستي جو وڇوڙو خاندان لاءِ هڪ ناقابل تلافي نقصان آهي. هن چيو ته ڏک جي هن گھڙي ۾ منهنجُون همدرديُون بلال احمد ۽ سندس خاندان سان آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ سوڳوار خاندان کي صبر عطا فرمائي.











