ڊيووس-20 جنوري (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي سالياني ڪانفرنس جي موقعي تي گڏيل عرب امارتن جي مالي معاونت بابت مملڪتي وزير محمد الحسيني سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن طرفان پاڪستان ۽ يو اي اي وچ ۾ جاري اقتصادي رابطن جو جائزو ورتو ۽ ٻه طرفي، ويجهي ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي طريقن تي …
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب سان گڏيل عرب امارتن جي مملڪتي وزير جي ملاقات

مزید خبریں
ڊيووس-20 جنوري (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي سالياني ڪانفرنس جي موقعي تي گڏيل عرب امارتن جي مالي معاونت بابت مملڪتي وزير محمد الحسيني سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن طرفان پاڪستان ۽ يو اي اي وچ ۾ جاري اقتصادي رابطن جو جائزو ورتو ۽ ٻه طرفي، ويجهي ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اماراتي وزير پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ جاري پروگرام تي اڳڀرائيءَ کان آگاهي حاصل ڪئي. سينيٽر محمد اورنگزيب پنهنجي هم منصب کي آءِ ايم ايف پروگرام جي تسلسل، ايڪسٽينڊڊ فنڊ فيسلٽي تحت جاري جائزي ۽ ڪلائميٽ ريزيلينس پروگرام جي پهرين جائزي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. هن يو اي اي جي مسلسل حمايت تي شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا خاص ڪري يو اي اي جي صدر جي پاڪستان جي تازي دؤري کانپوءِ وڌيڪ مستحڪم ٿي رهيا آهن. محمد الحسيني ٻنهي ملڪن جي قيادت وچ ۾ مضبوط ناتن کي ساراهيندي عوامي سطح تي رابطن جي اهميت تي زور ڀريو جيڪي پاڪستان ۽ يو اي اي جي پُراڻي ڀائيواري جو بنياد آهن. وفاقي وزير، يو اي اي جي مالي سهڪار تي ٻَڌل حمايت خاص ڪري ٻه طرفي ڊپازٽس ۽ ڏي وٺ تي شڪريو ادا ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته روايتي مالي معاونت کي ڊگهي مُدي واري سيڙپڪاري تي ٻڌل ڀائيواريءَ ۾ تبديل ڪرڻ ٻنهي ملڪن لاءِ فائديمند ۽ پائيدار ترقيءَ لاءِ اڻٽر آهي. وفاقي وزير اڀرندڙ مالي ٽيڪنالاجيز جي حوالي سان يو اي اي جي تجربن جو اعتراف ڪيو ۽ پاڪستان ۾ ريگيوليٽري فريم ورڪ کي مضبوط بنائڻ لاءِ جاري قدمن کان آگاهه ڪيو جن ۾ ٽوڪنائزيشن تي ڌيان ڏيڻ واري هڪ خاص اٿارٽيءَ جو قيام به شامل آهي. هن اماراتي مالياتي ادارن سان وڌندڙ سهڪار، بزنس ٽو بزنس رابطن ۽ آف شورنگ سرگرمين ۾ همٿائيندڙ رجحانن جو ذڪر ڪيو. اماراتي وزير ان اڳڀرائين جي آجيان ڪئي ۽ اعتماد جو اظهار ڪيو ته انهن شعبن ۾ سهڪار وڌيڪ هٿي اختيار ڪندو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ عالمي اقتصادي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. جاري جيو پوليٽيڪل چئلينجز باوجود اماراتي وزير مستقبل جي حوالي سان اميد جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته 2025ع پاڪستان لاءِ هاڪاري اڳڀرائيءَ جو گهرجائو سال رهيو آهي. سينيٽر محمد اورنگزيب ان سان اتفاق ڪندي ٻُڌايو ته پاڪستان گذريل سال اهم مالي ڏي وٺ ڪاميابي سان مڪمل ڪئي، جيڪا مارڪيٽ جي وڌندڙ اعتماد ۽ عالمي سرمايو ماريڪٽن تائين ٻيهر پهچ جي عڪاسي ڪري ٿي. وفاقي وزير پاڪستان جي اقتصادي ڪاميابين تي روشني وڌي جن ۾ مهانگائي ۾ نمايان گهٽتائي ۽ ميڪرو اڪنامڪ استحڪام ۾ بهتري شامل آهي. محمد الحسيني سڌارن واري پروگرام جي شروعات جي وقت جي ڀيٽ ۾ پاڪستان جي اقتصادي صورتحال ۾ واضح بهتريءَ جو ذڪر ڪيو ۽ پاليسين جي تسلسل کي جٽادار ترقيءَ لاءِ سڀ کان اهم جُز قرار ڏنو. وفاقي وزير سڌارن لاءِ حڪومت جي پُختي عزم جو ورجاءُ ڪيو، جيڪو وزيراعظم جي واضح رهنمائي ۽ حمايت سان هٿي وٺي رهيو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير جاري بناوتي سڌارن خاص ڪري نجڪاري جي قدمن تي اڳڀرائيءَ کان به آگاهه ڪيو. اماراتي وزير ڪارڪردگي ۽ چٽاڀيٽي ۾ بهتريءَ لاءِ نجڪاري جي اهميت تي زور ڀريو ۽ نجي شعبي جي شموليت، متحرڪ قيادت ۽ سازگار آبادياتي عملن ذريعي يو اي اي جي اقتصادي تبديليءَ جي تجربن کان آگاهه ڪيو. ٻنهي طرفان پاڪستان ۽ يو اي اي وچ ۾ اقتصادي سهڪار کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۽ گڏيل مفاد تي ٻَڌل قدمن کي اڳتي وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو.











