ڪوئيٽه- 20 جنوري (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي ۽ ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي جي صدارت هيٺ بلوچستان حڪومت ۽ پاڪستان ريلوي وچ ۾ هڪ اهم گڏيل اجلاس چيف منسٽر سيڪريٽريٽ ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ بلوچستان ۾ ريلوي جي نظام جي بحالي، پيپلز ٽرين سروس جي شروعات ۽ مختلف جوائنٽ وينچر رٿائن تي تفصيلي غور ڪيو ويو. اجلاس دوران بلوچستان ۾ پيپلز ٽرين …
بلوچستان جي وڏي وزير ۽ ريلوي واري وفاقي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس

مزید خبریں
ڪوئيٽه- 20 جنوري (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي ۽ ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي جي صدارت هيٺ بلوچستان حڪومت ۽ پاڪستان ريلوي وچ ۾ هڪ اهم گڏيل اجلاس چيف منسٽر سيڪريٽريٽ ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ بلوچستان ۾ ريلوي جي نظام جي بحالي، پيپلز ٽرين سروس جي شروعات ۽ مختلف جوائنٽ وينچر رٿائن تي تفصيلي غور ڪيو ويو. اجلاس دوران بلوچستان ۾ پيپلز ٽرين سروس سميت گڏيل ترقياتي رٿائن جي شروعات تي اصولي اتفاق ڪيو ويو. وفاقي وزير ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ريلوي جي 78 سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو صوبائي سطح تي ڊيولوشن جو تاريخي فيصلو ڪيو ويو آهي، جيڪو وفاق ۽ صوبن وچ ۾ اعتماد ۽ گڏيل عمل جو مضبوط مثال آهي. هن چيو ته مقامي ريلوي سروسز جي رٿائن ۾ ٽنهي صوبن دلچسپي ظاهر ڪئي آهي، جڏهن ته عملي قيادت بلوچستان سنڀالي، جيڪا وڏي وزير مير سرفراز بگٽي جي اثرائتي قيادت ۽ واضح ويزن جو ثبوت آهي. هن چيو ته وڏي وزير جي قيادت ۾ بلوچستان ۾ ريلوي جو ادارو جديد، اثرائتي ۽ پائيدار حڪمت عملي تحت اڳتي وڌي رهي آهي. وفاقي وزير پيپلز ٽرين سروس کي پاڪستان ريلوي ۽ بلوچستان حڪومت جي گڏيل سهڪار جو حسين ميلاپ قرار ڏيندي چيو ته هي منصوبو عوام کي سستي، محفوظ ۽ معياري سفري سهولتن جي فراهمي ۾ سنگِ ميل ثابت ٿيندو. اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته بلوچستان حڪومت پيپلز ٽرين سروس رٿا تي تيز رفتاري ۽ عملي اڳڀرائيءَ جي خواهشمند آهي. هن واضح ڪيو ته نئين ريلوي اسٽيشنن جي تعمير ۽ موجوده انفراسٽرڪچر جي اپ گريڊيشن لاءِ بلوچستان حڪومت گهربل وسيلا فراهم ڪندي. وڏي وزير چيو ته پيپلز ٽرين سروس رٿا لاءِ هڪ ارب 40 ڪروڙ رپيا هلندڙ هفتي جاري ڪيا ويندا ته جيئن رٿا تي بنا دير عملدرآمد ممڪن بڻائي سگهجي. هن چيو ته سرياب کان ڪچلاڪ تائين پيپلز ٽرين سروس جي ڪاميابيءَ کان پوءِ مستونگ کان پشين ۽ ٻين علائقن تائين ان سروس جو دائرو وڌايو ويندو. وڏي وزير، وفاقي وزير حنيف عباسي سان گڏ ريلويز فٽبال گرائونڊ جو دؤرو به ڪيو، جتي راندين کي هٿي وٺرائڻ ۽ پاڪستان ريلويز جي ايراضيءَ تي گڏيل ترقياتي منصوبا شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وڏي وزير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ريلوي سسٽم جي بحالي ۽ عوام کي سستي، محفوظ ۽ بااعتماد سفري سهولتن جي فراهمي بلوچستان حڪومت جي ترجيحن ۾ پهرين نمبر تي آهي ۽ ان مقصد لاءِ وفاقي حڪومت سان ويجهي ۽ اثرائتي ڀائيواري جاري رکي ويندي.











