وفاقي وزير سردار محمد يوسف جي مصر ۾ عالمي اسلامي ڪانفرنس ۾ شرڪت، قاهره ۾ صدر عبدالفتاح السيسي سان ملاقات

قاهره/اسلام آباد- 20 جنوري (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف مصر جي گاديءَ واري هنڌ قاهره ۾ اسلامي معاملن بابت سپريم ڪائونسل جي 36هين عالمي ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ عالمي وفدن سان صدارتي محل ۾ ملاقات ڪئي. انهن وفدن ۾ پاڪستان جو وفاقي وزير سردار محمد يوسف …

قاهره/اسلام آباد- 20 جنوري (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف مصر جي گاديءَ واري هنڌ قاهره ۾ اسلامي معاملن بابت سپريم ڪائونسل جي 36هين عالمي ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ عالمي وفدن سان صدارتي محل ۾ ملاقات ڪئي. انهن وفدن ۾ پاڪستان جو وفاقي وزير سردار محمد يوسف به شامل هو، جنهن ڪانفرنس ۾ پاڪستان جو مؤقف پيش ڪيو. صدارتي ترجمان موجب ملاقات دوران مصر جي صدر نئين مذهبي حڪمتِ عملي جي جوڙجڪ، مذهبي ۽ سماجي ادارن وچ ۾ مضبوط رابطن تي زور ڀريو. هن چيو ته اسلام انساني ترقي ۽ مستقبل جي گهُرجن سان مڪمل هم آهنگي رکي ٿو. هن واضح ڪيو ته مصر جي بنيادي پاليسي انساني وسيلن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ آهي، ڇاڪاڻ ته ملڪ جي حقيقي ترقي انساني ترقيءَ سان واڳيل آهي.

مزید خبریں