وزيراعظم شهباز شريف ورلڊ اڪنامڪ فورم جي 56هين سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ سوئٽزرلينڊ پهچي ويو

زيورخ - 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ورلڊ اڪنامڪ فورم جي 56هين سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ سوئٽزرلينڊ پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب زيورخ جي عالمي هوائي اڏي تي جنيوا، گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي محمد بلال، سوئٽزرلينڊ ۾ پاڪستاني سفير مرغوب سليم ۽ سوئٽزرلينڊ ۾ پاڪستان جي سفارتي عملي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. ورلڊ اڪنامڪ فورم …

زيورخ – 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ورلڊ اڪنامڪ فورم جي 56هين سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ سوئٽزرلينڊ پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب زيورخ جي عالمي هوائي اڏي تي جنيوا، گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي محمد بلال، سوئٽزرلينڊ ۾ پاڪستاني سفير مرغوب سليم ۽ سوئٽزرلينڊ ۾ پاڪستان جي سفارتي عملي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. ورلڊ اڪنامڪ فورم جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن. وزيراعظم ورلڊ اڪنامڪ فورم جي 56هين اجلاس جي مختلف سيشنز ۾ شرڪت ڪندو. اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم جي مختلف عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ متوقع آهن. وزيراعظم پاڪستان جي ميزباني ۽ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي حصيداري ۾ ٿيندڙ بزنس رائونڊ ٽيبل ۾ پڻ شريڪ ٿيندو. وزيراعظم ورلڊ اڪنامڪ فورم جي اجلاس ۾ پاڪستان جي معاشي استحڪام جي حوالي سان جاري سڌارن ۽ پاڪستان جي بهتر ٿيندڙ معاشي انگن اکرن تي روشني وجهندو. وزيراعظم پاڪستان جي استحڪام جي حوالي سان ٽرپل او پروگرام (آرڊر، آپرچونيٽي، آپٽيمائزيشن) تي پڻ ڳالهه ڪندو.

مزید خبریں