پاڪستان توانائي، زراعت، معدنيات، جديد ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون ۽ ڊگهي مدي واري سيڙپڪاري جو خواهشمند آهي: وزيراعظم شهباز شريف

زيورخ - 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان توانائي، زراعت، معدنيات، جديد ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون ۽ ڊگهي مدي واري سيڙپڪاري جو خواهشمند آهي. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻڌايو ته هو ورلڊ اڪنامڪ فورم جي موقعي تي عالمي واپار ۽ سيڙپڪاري جي حصيدارن سان پاڪستان جا رابطا وڌائڻ جي لاءِ سوئٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس پهچي …

زيورخ – 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان توانائي، زراعت، معدنيات، جديد ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون ۽ ڊگهي مدي واري سيڙپڪاري جو خواهشمند آهي. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻڌايو ته هو ورلڊ اڪنامڪ فورم جي موقعي تي عالمي واپار ۽ سيڙپڪاري جي حصيدارن سان پاڪستان جا رابطا وڌائڻ جي لاءِ سوئٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس پهچي ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي جاري معاشي سڌارن جي ڪري وسيع موقعا پيدا ٿي رهيا آهن جنهن جو بنياد مضبوط ۽ ڪاروباري صلاحيتن سان ڀرپور افرادي قوت آهي. هن چيو ته توانائي، زراعت، معدنيات ۽ جديد اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي شعبن ۾ نمايان امڪان موجود آهن جنهن کي اسان گڏيل فائديمند معاشي تعاون ۽ ڊگهي مدي واري سيڙپڪاري ۾ آڻڻو آهي.

مزید خبریں