حيدرآباد- 20 جنوري (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو آهي ته سنڌ ميوزيم سنڌ جي بهتر سڃاڻپ ۽ ثقافت کي اجاگر ڪري ٿو، وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت سان گڏجي ميوزيم ۽ سنڌ جي ثقافت کي هٿي وٺائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ ڪندي به رهندي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ سنڌ ميوزيم ۾ وڌيڪ سٺيون گيلريز بڻجنديون ۽ قيمتي ثقافتي ورثي …
وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت سان گڏجي سنڌ جي ثقافت کي هٿي وٺائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي: وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي

مزید خبریں
حيدرآباد- 20 جنوري (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو آهي ته سنڌ ميوزيم سنڌ جي بهتر سڃاڻپ ۽ ثقافت کي اجاگر ڪري ٿو، وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت سان گڏجي ميوزيم ۽ سنڌ جي ثقافت کي هٿي وٺائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ ڪندي به رهندي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ سنڌ ميوزيم ۾ وڌيڪ سٺيون گيلريز بڻجنديون ۽ قيمتي ثقافتي ورثي کي نمائش لاءِ رکيو ويندو، جنهن سان سنڌ جي تاريخ کي خوبصورت انداز ۾ هتي ايندڙن آڏو پيش ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ ميوزيم حيدرآباد جي دوري جي موقعي تي ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته اسان جي خواهش آهي ته سنڌ ميوزيم ۾ وڌيڪ بهتري آندي وڃي ۽ اسان سنڌ حڪومت ۽ ميوزيم انتظاميا سان گڏجي ان لاءِ ڪم ڪنداسين. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر، ڊسپلي آفيسر نورين فاطمه شاهه، وفاقي وزير کي ميوزيم ۾ رکيل ثقافتي شين بابت بريفنگ ڏني.

ان موقعي تي سنڌ ميوزيم جو ڊائريڪٽر ذوالفقار علي پنهور به موجود هو. بعد ۾ وفاقي وزير سنڌ ميوزيم ۾ قائم سنڌ انڊيجينيس اينڊ ٽريڊشنل ڪرافٽس ڪمپني (سٽڪو) جي ورڪشاپ جو به معائنو ڪيو، جتي ڊائريڪٽر سٽڪو اينڊ بسنت هال ڪلچرل ڪميٽي صوبيه علي شيخ کيس ورڪشاپ جي مختلف شعبن ۾ اداري جي ڪم بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. وفاقي وزير چيو ته سٽڪو سنڌ جي نوجوانن لاءِ تمام سٺو ڪم ڪري رهي آهي، ۽ اميد آهي ته ان سان سنڌ جي نوجوانن کي اڳتي وڌڻ جو موقعو ملندو. ان موقعي تي وفاقي وزير کي نوجوان آرٽسٽن طرفان تيار ڪيل مختلف ثقافتي شيون به ڏيکاريون ويون. کيس ٻڌايو ويو ته سنڌ جي مختلف علائقن ۾ پراجيڪٽس هلي رهيا آهن جتي نوجوانن خاص ڪري نياڻين کي تربيت ڏني پئي وڃي ۽ جڏهن هو ڪم سِکي وڃن ٿا ته انهن جي مصنوعات کي سينٽرز تي ڊسپلي ڪيو ويندو آهي.











