وفاقي وزير ڄام ڪمال خان جي انڊونيشيا جي سفير سان ملاقات

اسلام آباد- 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، پاڪستان ۾ انڊونيشيا جي سفير چندرا وارسينانٽو سوڪتجو سان تفصيلي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ انڊونيشيا وچ ۾ ٻه طرفي واپار، سيڙپڪاري ۽ شعبن جي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جو جائزو ورتو ويو. ملاقات دوران وفاقي وزير پاڪستان جي بدلجندڙ واپاري حڪمت عملي کان آگاهه ڪيو جنهن ۾ …

اسلام آباد- 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، پاڪستان ۾ انڊونيشيا جي سفير چندرا وارسينانٽو سوڪتجو سان تفصيلي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ انڊونيشيا وچ ۾ ٻه طرفي واپار، سيڙپڪاري ۽ شعبن جي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جو جائزو ورتو ويو. ملاقات دوران وفاقي وزير پاڪستان جي بدلجندڙ واپاري حڪمت عملي کان آگاهه ڪيو جنهن ۾ چانورن جي روانگي واپار کي خاص ترجيح حاصل آهي. هن چيو ته پاڪستان عالمي سطح تي اعليٰ معيار جي چانورن جو روانگي واپار ڪندڙ ملڪ آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتن جي دٻاءُ ۽ وڏن ملڪن جي پاليسي مداخلت سبب چٽاڀيٽي چئلينجز درپيش آهن. حڪومت معيار برقرار رکندي قيمتن ۾ چٽاڀيٽي وڌائڻ لاءِ مالي ۽ واپاري قدمن تي ڪم ڪري رهي آهي. ڄام ڪمال خان انڊونيشيا سميت چونڊيل ڀائيوار ملڪن سان اوپن مارڪيٽ ۽ حڪومت کان حڪومت (جي ٽو جي) فريم ورڪ تحت سهڪار جي تجويز پيش ڪئي ۽ پاڪستان- انڊونيشيا چانور سهڪار فريم ورڪ جي بحاليءَ تي زور ڀريو. هن ٻُڌايو ته 2015ع ۾ طئي ٿيل چانورن جي مفاهمتي ياداشت جيڪا ساليانو 10 لک ميٽرڪ ٽن تائين چانورن جي، جي ٽو جي بنياد تي فراهميءَ بابت هو، 2019ع ۾ ختم ٿي چڪو آهي. پاڪستان اهو نظرثاني ٿيل مسودو انڊونيشيا جي ڌُر کي موڪلي ڇڏيو آهي ۽ جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي اميد ظاهر ڪئي. وفاقي وزير زرعي روانگي واپار، خاص ڪري ڪينو بابت مسئلا به اُٿاريا. هن چيو ته انڊونيشيا طرفان آمدني واپار جي ڪوٽا جي جاري دير ۾ دير سان روانگي واپار ڪندڙن ۽ آبادگارن کي نقصان پهچي سگهي ٿو، وڌيڪ اهو ته ڪينو لاءِ غذائي ۽ زرعي جاچ جو انگ 8 مان وڌائي 24 ڪرڻ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو جنهن سان لاڳت ۽ وقت ۾ واڌ ٿئي ٿي. ان سلسلي ۾ انڊنيشيا جي نباتات واري کاتي جي تحفظ واري اختيارين سان رابطي ۾ آهيون. زراعت کان علاوه ملاقات ۾ توانائي، بائيو ڊيزل، معدنيات، بنيادي ڍانچي ۽ خاص ڪري اقتصادي زونز ۾ سهڪار جي امڪانن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير انڊونيشيا جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ پام آئل جي ذخيري، پراسيسنگ ۽ علائقائي مارڪيٽن تائين پهچ جي موقعن مان فائدو کڻڻ جي دعوت ڏني ۽ بندرگاهي ۽ لاجسٽڪس انفراسٽرڪچر جي صلاحيتن کي اجاگر ڪيو. سفير پاڪستان جي تجويزن جي آجيان ڪندي خاطري ڪرائي ته چانورن، سهڪار، زرعي مارڪيٽ تائين پهچ ۽ واپاري سهولتڪاري بابت معاملا جڪارتا تائين پهچايا ويندا. ڌُرين گڏيل واپاري ۽ ترقياتي ڪميٽيءَ جي جلد بندوبست، واپاري فورمز ۽ ورچوئل مشاورت ذريعي رابطا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ۽ ٻه طرفن دوستاڻن ناتن کي ٺوس اقتصادي نتيجن ۾ تبديل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں