اسلام آباد- 20 جنوري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته عورتن جو معاشي طور بااختيار هجڻ فقط برابري جو معاملو ناهي پر پاڪستان جي پائيدار ترقيءَ لاءِ هڪ اسٽريٽجڪ ضرورت آهي. هو اسلام آباد جي هڪ مقامي هوٽل ۾ رٿيل چوٿين آل پاڪستان وومين چيمبرز پريزيڊنٽس انٽرنيشنل ڪانفرنس کي مهمان طور خطاب ڪري رهيو هو. سينيٽ چيئرمين چيو ته اها ڪانفرنس صرف ڪاروباري اڳواڻن …
عورتن جو معاشي طور بااختيار هجڻ فقط برابري جو معاملو ناهي پر پاڪستان جي پائيدار ترقيءَ لاءِ هڪ اسٽريٽجڪ ضرورت آهي: سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني

مزید خبریں
اسلام آباد- 20 جنوري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته عورتن جو معاشي طور بااختيار هجڻ فقط برابري جو معاملو ناهي پر پاڪستان جي پائيدار ترقيءَ لاءِ هڪ اسٽريٽجڪ ضرورت آهي. هو اسلام آباد جي هڪ مقامي هوٽل ۾ رٿيل چوٿين آل پاڪستان وومين چيمبرز پريزيڊنٽس انٽرنيشنل ڪانفرنس کي مهمان طور خطاب ڪري رهيو هو. سينيٽ چيئرمين چيو ته اها ڪانفرنس صرف ڪاروباري اڳواڻن جو ميڙ ناهي پر جامع ترقي لاءِ هڪ قومي تحريڪ جو نمائنده آهي، جتي عورتن کي پاڪستان جي معاشي تبديلي جو مُک معمار تسليم ڪيو پيو وڃي. هن ڪاروباري عورتن جي جرئت، حوصلي ۽ عزم کي خراجِ تحسين پيش ڪيو جيڪي سماجي ۽ بناوٽي رنڊڪن باوجود پراڻن تصورن کي ٽوڙيندي واپار ۽ صنعت ۾ نوان رستا بڻائي رهيون آهن. هن گذريل سالن ۾ ٿيل اڳڀرائي جو ذڪر ڪندي چيو ته سڄي ملڪ ۾ 30 کان وڌيڪ وومين چيمبز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريءَ جو قوم جي قيام جي تعمير ۾ عورتن جي ڪردار جي حوالي سان سوچ ۾ بنيادي تبديليءَ جو مظهر آهي. جڏهن ته هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته هاڻ سفر کي ڪجهه ادارن جي قيام کان اڳتي وڌائيندي عملي نتيجن طرف وٺي وڃڻو آهي، جتي هي چيمبرز مضبوط، پيشيوراڻي طور تي منظم ادارن جي صورت ۾ ڪاروبار، جدت ۽ روزگار کي هٿي وٺرائڻ ۾ مؤثر ڪردار ادا ڪن. سينيٽ چيئرمين شهيد بينظير ڀٽو کي زبردست خراجِ عقيدت پيش ڪندي کيس عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي علمبردار قرار ڏنو، جنهن جو ويزن اڄ به پاڪستان جي عورتن لاءِ مشعلِ راهه آهي. هن بينظير ڀٽو جي تاريخي خدمتن کي ياد ڪندي چيو ته عورت اسٽڊيز سينٽرن جو قيام، فرسٽ وومين بئنڪ جي شروعات، سرڪاري ملازمتن ۾ عورتن لاءِ ڪوٽا ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرز پروگرام جهڙا قدم ان جي ڏور رس قيادت جو ثبوت آهن. هن چيو ته شهيد محترمه کي پختو يقين هو ته ڪابه قوم ان وقت تائين پنهنجي مڪمل صلاحيت حاصل نٿي ڪري سگهي جيستائين ان جي اڌ آباديءَ کي معاشي ۽ سماجي زندگي کان ٻاهر رکيو وڃي. هن قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر، وزيراعظم ۽ هاڻ سينيٽ چيئرمين جي حيثيت سان پنهنجي عوامي خدمتن جي تجربن جو حوالو ڏيندي چيو ته عورتن جي شموليت، جمهوري ادارن کي مضبوط ۽ ترقيءَ جي عمل کي تيز ڪري ٿي. هن چيو ته وزيراعظم جي دؤر ۾ عورتن کي اهم وفاقي وزارتن جون ذميداريون سونپيون ويون، جيڪا پاڪستان پيپلز پارٽي جا جامع طرزِ حڪمراني جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي. سينيٽ چيئرمين سينيٽ کي وفاق جي علامت قرار ڏيندي چيو ته سينيٽ آف پاڪستان عورتن جي معاشي، سماجي ۽ قانوني مسئلن جي حل ۾ سمورن صوبن جي سطح تي اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته سندس قيادت ۾ سينيٽ قانونسازيءَ ۾ سڌارا، ڪاروباري طريقيڪار ۾ آساني، سرڪاري خريداريءَ تائين پهچ ۾ واڌ ۽ قانوني خدشن کي مضبوط بنائڻ لاءِ ڀرپور سهڪار جاري رکندو ته جيئن عورتن جي ڪاروباري سرگرمين کي هٿي ڏئي سگهجي. هن ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته بي پناهه صلاحيت باوجود عورتن جي رسمي معيشت ۾ شموليت هاڻ به اميدن کان گهٽ آهي، جنهن جو ڪارڻ سماجي ۽ بناوٽي رڪاوٽون آهن. هن ان خال کي قومي موقعن جي نقصان سان تعبير ڪندي چيو ته عورتن جي قيادت ۾ هلندڙ هر ڪاروبار معاشي ترقي، روزگار جا موقعا ۽ نسل در نسل بااختياري جو ذريعو بڻجي ٿي. سينيٽ چيئرمين اسلام آباد وومين چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيندي سڄي ملڪ ۾ نئين قائم ٿيندڙ وومين چيمبرز جي سرپرستي ۽ رهنمائيءَ جي قدمن جي تعريف ڪئي. هن چيو ته ان نوعيت جو سهڪار، رهنمائي ۽ بهترين تجربن جي مٽاسٽا عورتن جي قيادت ۾ معاشي ترقي لاءِ ڪيترائي ڀيرا اثر پيدا ڪندو. هن عالمي سهڪار، خاص ڪري آذربائيجان، پاڪستان جوائنٽ چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريءَ سان ڀائيواري جي آجيان ڪئي ۽ وومين چيمبرز تي زور ڀريو ته هو عالمي واپاري رابطن، عالمي نمائشن ۾ شرڪت ۽ روانگي واپار تي ٻَڌل مصنوعات ۽ خدمتن جي ترقي ۾ فعال ڪردار ادا ڪن. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني وومين چيمبرز جي صدرن ۽ قيادت تي زور ڀريو ته هو پاڻ کي فقط عهديدار نه پر هڪ قومي تحريڪ جو قائد سمجهن. هن چيو ته مان هڪ اهڙي پاڪستان جو تصور رکان ٿو جتي عورتون ڪاروباري معاشي ترقيءَ جو مرڪزي ٿنڀ هجن، جتي وومين چيمبرز ترقيءَ جي معتبر ڀائيواري ڪن ۽ جتي هر نوجوان ڇوڪري ڪاروبار کي هڪ باوقار ۽ قدر جوڳي مستقبل طور تي ڏسي. سينيٽ چيئرمين سڄي ملڪ جي عورت ڪاروباري شخصيتن کي سندن جرئت ۽ خدمتن تي خراجِ تحسين پيش ڪندي ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته گڏيل ڪاوشون هڪ وڌيڪ جامع ۽ خوشحال پاڪستان جي راهه هموار ڪنديون.











