وفاقي وزير خالد مقبول صديقي سان برٽش ڪائونسل پاڪستان جي ڪنٽري هيڊ جي ملاقات

اسلام آباد- 20 جنوري (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي ۽ سيڪريٽري نديم محبوب سان برٽش ڪائونسل پاڪستان جي ڪنٽري هيڊ جيمز هيمپسن پنهنجي ٽيم سان گڏ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ تعليمي سڌارن، فني ۽ اعليٰ تعليم کي هٿي وٺرائڻ ۽ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ وزارت جو سينيئر جوائنٽ سيڪريٽري آفتاب رشيد، …

اسلام آباد- 20 جنوري (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي ۽ سيڪريٽري نديم محبوب سان برٽش ڪائونسل پاڪستان جي ڪنٽري هيڊ جيمز هيمپسن پنهنجي ٽيم سان گڏ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ تعليمي سڌارن، فني ۽ اعليٰ تعليم کي هٿي وٺرائڻ ۽ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ وزارت جو سينيئر جوائنٽ سيڪريٽري آفتاب رشيد، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر انٽر بورڊ ڪوآرڊينيشن ڪميشن غلام علي ملاح ۽ ڊپٽي سيڪريٽري اماره نسيم به موجود هيون. جيمز هيمپسن بين الصوبائي تعليم واري ڪانفرنس ڪامياب نموني منعقد ڪرڻ تي وفاقي وزير ۽ سيڪريٽريءَ کي مبارڪون ڏنيون ۽ تعليمي شعبي ۾ هم آهنگي ۽ سڌارن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ان ڪانفرنس جي ايجنڊا جي اهميت کي ساراهيو. ان موقعي تي نديم محبوب برٽش ڪائونسل جي وفد کي ويجهڙ ۾ بين الصوبائي تعليم واري ڪانفرنس اجلاس ۾ بحث هيٺ اهم نُڪتن ۽ منظور ڪيل قراردادن کان آگاهه ڪيو. ملاقات خوشگوار ۽ تعميري ماحول ۾ منعقد ٿي جيڪا انتهائي نتيجو ڏيندڙ ثابت ٿي. جيمز هيمپسن وفاقي وزير ۽ سيڪريٽري کي صوبن ۾ فني تعليم جي شعبي ۾ برٽش ڪائونسل طرفان فراهم ڪيل خدمتن ۽ معاونتن، هائر ايجوڪيشن ڪميشن سان گڏيل عمل سان جاري قدمن تي بريفنگ ڏني. هن جاري رٿائن ۾ ٿيل اڳڀرائي ۽ مستقبل ۾ سهڪار جي امڪاني شعبن کان به آگاهه ڪيو. جيمز هيمپسن وڌيڪ ٻُڌايو ته برطانوي يونيورسٽيون پاڪستان ۾ تعليمي شعبي ۾ ٿيل اڳڀرائيءَ کي ساراهي رهي آهي ۽ هن پاڪستان ۾ ڪيمپس قائم ڪرڻ ۽ آن لائن ڪورس متعارف ڪرائڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي ته جيئن اهي شاگرد جيڪي اعليٰ تعليم لاءِ پرڏيهه نٿا وڃي سگهن اهي فائدو کڻي سگهن. برٽش ڪائونسل جي وفد پاڪستان حڪومت سان مڪمل سهڪار ۽ معاونت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، خاص ڪري غير رسمي تعليم جي شعبي ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان، جڏهن ته فني ۽ اعليٰ تعليم ۾ موجوده گڏيل عمل کي به وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ان ڳالهه جو به فيصلو ڪيو ويو ته پاڪستان جي ڪچي آبادين ۾ قائم تعليمي ادارن کي لاڳاپيل فني ۽ هنرمندي جي فريم ورڪ تحت ڳنڍيو وڃي، جنهن جو مقصد محروم ادارن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ، تعليم جي معيار ۽ سرٽيفڪيشن کي بهتر بڻائڻ ۽ انهن علائقن جي نوجوانن لاءِ هنر تي ٻَڌل ۽ غير رسمي تعليمي موقعن تائين پهچ کي هٿي ڏئي سگهجي.

مزید خبریں