اسلام آباد- 20 جنوري (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد ڪراچي گل پلازا ۾ پيش آيل حادثي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جاري بيان مطابق سينيٽر روبينه خالد چيو ته حادثي ۾ فوتين جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي آهي، حادثي ۾ فوتين جي پونئيرن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهيان. هن چيو ته مشڪل جي وقت ۾ پاڪستان جون دعائون ڏکوئيل خاندانن …
بي آءِ ايس پي چيئرپرسن پاران ڪراچي گل پلازا ۾ پيش آيل حادثي تي افسوس جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد- 20 جنوري (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد ڪراچي گل پلازا ۾ پيش آيل حادثي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جاري بيان مطابق سينيٽر روبينه خالد چيو ته حادثي ۾ فوتين جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي آهي، حادثي ۾ فوتين جي پونئيرن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهيان. هن چيو ته مشڪل جي وقت ۾ پاڪستان جون دعائون ڏکوئيل خاندانن سان آهن. هن چيو ته بهادر ريسڪيو ٽيم جي جوان شهيد فرقان علي ماڻهن جي زندگي بچائيندي پنهنجي جان قربان ڪئي، کيس خراج عقيدت پيش ڪيان ٿي. هن حادثي ۾ گم ٿيل ماڻهن جي حفاظت سان واپسي جي دعا ڪئي. هن حادثي ۾ زخمي ماڻهن جي جلد صحتيابي لاءِ پڻ دعا ڪئي.











