اسلام آباد- 20 جنوري (اي پي پي) خطي ۾ آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ علائقائي تعاون کي هٿي وٺرائڻ ۽ موسمياتي تبديلين سان پيدا ٿيندڙ خطرن جي مقابلي لاءِ اثرائتي حڪمت عملي تيار ڪرڻ لاءِ اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جو 10 هون وزارتي اجلاس 21 کان 22 جنوري تائين اين ڊي ايم اي هيڊڪوارٽرز اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندو. پاڪستان جي ميزباني ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ اي …
پاڪستان جي ميزباني ۾ اقتصادي تعاون تنظيم جو 10هون اجلاس 21 کان 22 جنوري تائين اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندو

مزید خبریں
اسلام آباد- 20 جنوري (اي پي پي) خطي ۾ آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ علائقائي تعاون کي هٿي وٺرائڻ ۽ موسمياتي تبديلين سان پيدا ٿيندڙ خطرن جي مقابلي لاءِ اثرائتي حڪمت عملي تيار ڪرڻ لاءِ اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جو 10 هون وزارتي اجلاس 21 کان 22 جنوري تائين اين ڊي ايم اي هيڊڪوارٽرز اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندو. پاڪستان جي ميزباني ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ اي سي او جي ميمبر ملڪن جا وزير ۽ سينئر عملدار شرڪت ڪندا، جن ۾ پاڪستان، ترڪيه، ايران، آذربائيجان، وچ ايشيائي ملڪ ۽ افغانستان جا وفد شامل آهن. اجلاس جو مقصد خطي ۾ آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ علائقائي تعاون کي هٿي ڏيڻ ۽ موسمياتي تبديلين سان پيدا ٿيندڙ خطرن جي مقابلي لاءِ اثرائتو لائحه عمل تيار ڪرڻ آهي. اجلاس ۾ ميمبر ملڪن وچ ۾ موسمياتي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل ۽ جامع حڪمت عملي ترتيب ڏيڻ تي غور ڪيو ويندو. وزارتي اجلاس کان اڳ هاءِ ليول ورڪنگ گروپ جو اجلاس منعقد ٿيندو جڏهن ته مرڪزي وزارتي اجلاس 22 جنوري تي ٿيندو، جنهن ۾ تجويز ڪيل اسلام آباد ڊڪليريشن تي غور ۽ ان جي منظوري متوقع آهي. پاڪستان پهريون ڀيرو آفتن جي تدارڪ جي حوالي سان اي سي او وزارتي اجلاس جي ميزباني ڪري رهيو آهي، جيڪو خطي ۾ ڊزاسٽر مئنيجمينٽ جي شعبي ۾ پاڪستان جي قائداڻي ڪردار ۽ علائقائي سطح تي فعال ڪاوشن جي عڪاسي ڪري ٿو. پاڪستان اي سي او خطي ۾ آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل، اثرائتي ۽ پائيدار حڪمت عملي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پرعزم آهي.











