اسلام آباد- 20 جنوري (اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري سان ايوان صدر ۾ پرائيم هاسپيٽل هيلٿ ڪيئر فيسلٽي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر شهزاد شفيق موسوي ملاقات ڪئي ۽ ٻارن ۾ ڪلب فٽ خاص طور تي سنڌ جي پٺتي پيل علائقن ۾ علاج بابت جاري قدمن تي بريفنگ ڏني. ملاقات دوران ڊاڪٽر موسوي ڪلب فٽ کان متاثر ٻارن جي لاءِ مفت تشخيص ۽ جراحي علاج …
خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري سان پرائيم هاسپيٽل هيلٿ ڪيئر فيسلٽي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر شهزاد شفيق موسوي جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد- 20 جنوري (اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري سان ايوان صدر ۾ پرائيم هاسپيٽل هيلٿ ڪيئر فيسلٽي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر شهزاد شفيق موسوي ملاقات ڪئي ۽ ٻارن ۾ ڪلب فٽ خاص طور تي سنڌ جي پٺتي پيل علائقن ۾ علاج بابت جاري قدمن تي بريفنگ ڏني. ملاقات دوران ڊاڪٽر موسوي ڪلب فٽ کان متاثر ٻارن جي لاءِ مفت تشخيص ۽ جراحي علاج جي فراهمي، خصوصي ميڊيڪل ڪئمپس منعقد ڪرڻ ۽ عالمي سرجيڪل ٽيمن سان تعاون سميت پي ايڇ ايڇ ايف جي ڪوششن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو. خاتون اول کي پروگرام جي دائره ڪار، ٻارن جي چرپر بحال ڪرڻ ۽ متاثر ٻارن جي زندي جي معيار ۾ بهتري تي ان جي ڌيان بابت پڻ بريف ڪيو ويو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ڊاڪٽر موسوي ٻڌايو ته ڪلب فٽ جهڙي طبي اصطلاح ۾ Congenital Talipes Equinovarus (سي ٽي اي وي) چيو وڃي ٿو، پيدائشي نقص مان هڪ عام عارضي ۽ ٻارن ۾ قابل تدارڪ معذوري جو هڪ وڏو سبب آهي. خاتون اول کي آگاهه ڪيو ويو ته وقت سر ۽ بنا معاوضي مداخلت جي ذريعي پي ايڇ ايڇ ايف 1621 کان وڌيڪ آئوٽ پيشنٽس جا معائنا ڪيا ۽ 252 ٻارن جو ڪامياب علاج ڪيو جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته وقت سر ۽ منظم علاج سان اهو عارصو مڪمل طور تي قابل علاج آهي. خاتون اول ان انساني همدرديءَ تي ٻڌل قدم کي ساراهيو ۽ قابل تدارڪ ۽ قابل علاج ٻارن جي معذورين جي روڪٿام جي لاءِ مسلسل ڌيان جي اهميت تي زور ڏنو. خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته وقت سر طبي سهولتن تائين پهچ ٻارن کي باوقار ۽ لاڀائتي زندگي گذارڻ جي قابل بڻائڻ ۾ فيصلائتو ڪردار ادا ڪري ٿي. هن ڊاڪٽر موسوي کي ان سنگين عوامي صحت جي مسئلي جي خاتمي جي لاءِ ڪئي ويندڙ ڪوششن جي مڪمل حمايت جو يقين ڏياريو. ان موقعي تي سينيٽ ۾ پيپلزپارٽي جي پارلياماني اڳواڻ سينيٽر شيري رحمان، قومي اسيمبلي ميمبر سيد نويد قمر ۽ شازيه مري پڻ موجود هئا.











