اسلام آباد- 20 جنوري (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پنجاب جي يونيورسٽين ۾ بلوچ شاگردن جي داخلا تي ڪابه پابندي ناهي، ڪوٽا مڪمل بحال آهي، ايوان ۾ وقت جي کوٽ ضرور رهي، جڏهن ته قائدِ ايوان سينيٽر اسحاق ڊار هڪ عالمي تقريب ۾ شرڪت لاءِ ڊيووس روانو ٿي چڪو آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ هن ٻُڌايو ته گذريل …
پنجاب جي يونيورسٽين ۾ بلوچ شاگردن جي داخلا تي ڪابه پابندي ناهي: قانون وارو وفاقي وزير

مزید خبریں
اسلام آباد- 20 جنوري (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پنجاب جي يونيورسٽين ۾ بلوچ شاگردن جي داخلا تي ڪابه پابندي ناهي، ڪوٽا مڪمل بحال آهي، ايوان ۾ وقت جي کوٽ ضرور رهي، جڏهن ته قائدِ ايوان سينيٽر اسحاق ڊار هڪ عالمي تقريب ۾ شرڪت لاءِ ڊيووس روانو ٿي چڪو آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ هن ٻُڌايو ته گذريل ڏينهن پارلياماني ليڊر سينيٽر علي ظفر جي موجودگيءَ ۾ وزيراعظم آفيس بابت ڪجهه معاملن تي ايوان جي ڳڻتي غور هيٺ آئي، جيڪا الحمدلله اڄ حل ٿي وئي آهي. ان دوران سينيٽر ڪامران مصطفيٰ طرفان پنجاب ۾ شاگردن جي داخلا بابت سوال اُٿاريو ويو، جنهن تي سينيٽر پرويز رشيد ۽ محترمه نوشهر رحمان کان ايوان کي بريف ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي. هن ايوان کي آگاهه ڪيو ته سينيٽر پرويز رشيد طرفان وصول ٿيندڙ تفصيلي بريفنگ موجب پنجاب جي يونيورسٽين ۾ بلوچ شاگردن جي داخلائن تي ڪنهن به قسم جي پابندي ناهي ۽ سندن ڪوٽا مڪمل طور تي بحال آهي. قانون واري وزير چيو ته هن وقت پنجاب جي مختلف سرڪاري يونيورسٽين ۾ ڪل 3850 بلوچ شاگرد تعليم هيٺ آهن، جن ۾ نمايان انگ پنجاب يونيورسٽي، گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي، بهاؤ الدين زڪريا يونيورسٽي، يونيورسٽي بهاولپور ۽ ٻين يونيورسٽين ۾ شامل آهن. ڪجهه يونيورسٽين ۾ ان ڪري داخلائون نه ٿي سگهيون ته لاڳاپيل ڪوٽا تحت درخواستون وصول نه ٿيون. انگن اکرن موجب انهن 3850 شاگردن مان 58 سيڪڙو ميرٽ تي داخل ٿيا آهن، جن ۾ 3419 مرد ۽ 431 عورتون شامل آهن جڏهن ته 42 سيڪڙو شاگرد ڪوٽا تحت داخل ٿيا آهن. سمورين سرڪاري يونيورسٽين ۾ داخلا لاءِ هڪجهڙي پاليسي تي عمل ڪيو پيو وڃي ۽ ڪوٽا تحت اعليٰ ميرٽ هاصل ڪندڙ شاگردن کي داخلا ڏني ويندي آهي. ميڊيڪل ڪاليجز بابت وضاحت ڪندي قانون واري وزير چيو ته اهي داخلائون يونيورسٽي ٽو يونيورسٽي پاليسي تحت ٿين ٿيون، جڏهن ته حڪومت جي عمومي هدايت آهي ته بلوچ شاگردن لاءِ ان جي ڪوٽا برقرار رکي وڃي. جيتوڻيڪ ميڊيڪل تعليم هڪ پيشيوراڻي ۽ حساس شعبو آهي، ان لاءِ گهٽ ۾ گهٽ اهليت ۽ نمبرز رکڻ شرط آهي، جنهن تي ڪو سمجهوتو نٿو ڪري سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ان معاملي تي وڌيڪ رهنمائي يا مداخلت جي ضرورت پيش آئي ته نوشهر رحمان پنجاب حڪومت سان معاملو اُٿارڻ جي آڇ ڪئي آهي. قانون واري وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان جا سمورا صوبا پاڻ ۾ ڀائر آهن ۽ وزيراعظم جو به اهوئي مؤقف آهي ته محدود وسيلن باوجود گڏيل سهڪار ۽ انصاف سان گڏ اڳتي وڌيو وڃي. پنجاب حڪومت بلوچ شاگردن، مرد ۽ عورتن ٻنهي کي تعليمي موقعا فراهم ڪري رهي آهي ۽ آئينده به ان سلسلي ۾ مڪل سهڪار جاري رکيو ويندو.











