فاٽا ۾ آپريشن دهشتگردن جي خاتمي تائين جاري رهندو، عوام کي بااختيار بنائڻ لاءِ مقامي حڪومتن جو نظام آڻڻو پوندو: دفاع وارو وفاقي وزير

اسلام آباد- 20 جنوري (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف واضح انداز ۾ چيو آهي ته فاٽا ۾ حڪومت جي سرپرستيءَ هيٺ سيڪيورٽي فورسز آپريشن ڪري رهي آهي ۽ دهشتگردن جي خاتمي تائين ڪندي رهندي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس دوران دفاع واري وزير خواجه محمد آصف مُخالف ڌُر جي ميمبر کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان جي حڪومت کي دهشتگردن خلاف ڪارروائي جو موقعو ڏنو ويو …

اسلام آباد- 20 جنوري (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف واضح انداز ۾ چيو آهي ته فاٽا ۾ حڪومت جي سرپرستيءَ هيٺ سيڪيورٽي فورسز آپريشن ڪري رهي آهي ۽ دهشتگردن جي خاتمي تائين ڪندي رهندي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس دوران دفاع واري وزير خواجه محمد آصف مُخالف ڌُر جي ميمبر کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان جي حڪومت کي دهشتگردن خلاف ڪارروائي جو موقعو ڏنو ويو پر اوهان جي حڪومت ته پنهنجن مفادن پويان لڳي وئي جنهن تي هر ان جڳهه تي سيڪيورٽي فورسز پاران آپريشن ڪيو پوي وڃي، جتي دهشتگرد موجود آهن.  جڏهن ته گل پلازه سانحي تي جاري بحث ۾ حصو وٺندي وفاقي وزير چيو ته ڪراچيءَ ۾ گل پلازه باهه ۽ هر روز ڊمپر حادثن ۾ انساني جانيون ضايع ٿي رهيون آهن، ڪراچي تمام وڏو شهر بڻجي چڪو آهي ان جو انتظام سنڀالڻ هڪ مشڪل ڪم آهي. عوام کي بااختيار بنائڻ لاءِ مقامي حڪومتن جو نظام آڻڻو پوندو. هن چيو ته 28هين ترميم ۾ مقامي حڪومتن کي بااختيار بڻائڻ جو اثرائتو سسٽم تجويز ڪيل هو. هڪ اتفاق راءِ هئي ته مقامي حڪومتن جو نظام جيڪو 18هين ترميم ۾ تجويز ٿيو هو ان تي عمل ڪجي، اسان کي اها ترميم به واپس وٺڻي پئي. ان سان گڏوگڏ اسان چاهيو ته گوادر کان گلگت ۽ سڄي ملڪ ۾ نئين نسل پاڪستانيت سان گڏوگڏ صوبائيت کي به سُڃاڻي، ان حوالي سان نصاب هڪ قومي سُڃاڻپ ڏئي ٿو. اسان کي ان ترميم کي به ڊراپ ڪرڻو پيو. هن چيو ته ڪراچي جا واقعا ان ڳالهه جي گُهر ڪري رهيا آهن ته سڄي ملڪ ۾ قومي حڪومتن جو فعال نظام هئڻ گهرجي ته جيئن اختيار ضلعي، تعلقي، يونين ڪاونسل جي سطح تائين منتقل ٿي سگهن. جيستائين گهٽي پاڙي ۾ نمائندگي نه هوندي ته نه فائر برگيڊئر هوندو نه ڪو مسئلو حل ٿيندو ۽ دفاع واري وزارت، نيوي، ايوي ايشن جو فائر برگيڊ اچي باهيون وسائيندا. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ ايوب خان، ضياءُ الحق ۽ پرويز مشرف به بااختيار مقامي حڪومتن جو نظام ڏنو ۽ باقاعدگيءَ سان چونڊون ٿينديون رهيون. اسان چونڊون به نٿا ڪرايون پر جيڪڏهن شيڊول اچي ته صوبائي حڪومتون اختيارن جي هيٺئين سطح تي منتقلي آڏو بيهي رٿي رهي. هن چيو ته چين جي صدر کي ڏسون ته مقامي حڪومتن سان اڳتي آيو. ترڪيه سميت اُسرندڙ ملڪن ۾ مقامي حڪومتن جو فعال نظام موجود آهي. هن تجويز ڏني ته آئين ۾ ترميم ڪري هڪجهڙو نصاب ۽ فعال مقامي حڪومتن جو نظام آندو وڃي. جڏهن ته مُخالف ڌُر جي ميمبرن پاران بار بار کوڙ تي دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف مخالف ڌر جي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان پنهنجي سيٽ تي ويٺل آهيو ته پنهنجن ميمبرن کي ته ڪنٽرول ڪريو ۽ گوڙ کي ختم ڪرايو. دفاع واري وفاقي وزير چيو ته مخالف ڌر جي معزز ميمبرن جي گوڙ کي ڏسي، جيڪڏهن مخالف ڌر جي اڳواڻ جي موجودگيءَ ۾ ائين آهي ته اها ڪا سٺي روايت ته ناهي. مخالف ڌر جي اڳواڻ جي اچڻ کانپوءِ ته اسان کي اميد هئي ته ايوان اندر ڊسيپلين اچي ويندو.

مزید خبریں