قومي اسيمبليءَ جي اسيپڪر جي نيشنل پيپلز ڪانگريس جي چيئرمين سان ملاقات

بيجنگ-20 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق بيجنگ ۾ نيشنل پيپلز ڪانگريس جي چيئرمين زاليجي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ اسپيڪر جي قيادت ۾ چين جو دؤرو ڪندڙ پارلياماني وفد جا ميمبر به موجود هئا. ملاقات ۾ پاڪ- چين سدا بهار دوستي، اسٽريٽجڪ ڀائيواري، پارلياماني رابطن ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي اسپيڪر چيو ته پاڪستان …

بيجنگ-20 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق بيجنگ ۾ نيشنل پيپلز ڪانگريس جي چيئرمين زاليجي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ اسپيڪر جي قيادت ۾ چين جو دؤرو ڪندڙ پارلياماني وفد جا ميمبر به موجود هئا. ملاقات ۾ پاڪ- چين سدا بهار دوستي، اسٽريٽجڪ ڀائيواري، پارلياماني رابطن ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي اسپيڪر چيو ته پاڪستان کي چين سان پنهنجي بي مثال دوستيءَ تي فخر آهي. پاڪ- چين دوستي گڏيل احترام ۽ اعتماد جي مضبوط بنيادن تي ٻَڌل آهي. ٻنهي ملڪن جو عوام هڪٻئي سان دوستي جي اڻٽٽ ٻنڌڻ ۾ ٻَڌل آهي. اسپيڪر پاڪ -چين پارلياماني رابطن کي هٿي وٺرائڻ ۽ پارلياماني فرينڊشپ گروپس کي وڌيڪ فعال بڻائڻ تي زور ڀريو ۽ چيو ته پارلياماني رابطن کي هٿي وٺرائڻ سان ٻه طرفا ناتا ۽ جٽادار ڀائيواري وڌيڪ مضبوط ٿيندي. پاڪ- چين جٽادار ڀائيواري خطي ۾ پائيدار امن، ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ اڻٽر آهي. هن چيو ته 75 سالن تي ٻَڌل دوستي ۽ گڏيل احترام تي ٻَڌل پاڪ- چين پارلياماني ۽ سفارتي ناتا دنيا لاءِ مثال آهن. سي پيڪ منصوبو پوري خطي لاءِ گيم چينجر جي حيثيت رکي ٿو. اسپيڪر ، چيئرمين زاليجي طرفان پاڪستاني وفد جو شاندار استقبال ۽ مهمان نوازيءَ تي شڪريو ادا ڪيو. اسپيڪر، نيشنل پيپلز ڪانگريس جي چيئرمين کي پاڪستان جي دؤري جي دعوت ڏني. چيئرمين، اسيپڪر جي چين بابت تاثرن کي ساراهيو ۽ چيو ته چين پاڪستان سان پنهنجي پُراڻي دوستيءَ وارن ناتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. چيئرمين پاڪستان سان جٽادار ڀائيواريءَ کي مضبوط بنائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں