ڪنهن جي سياست بچائڻ لاءِ دهشتگردن خلاف ايڪشن ۽ ڳجهي بنياد تي آپريشنز نه رڪبا: گهرو معاملن وارو مملڪتي وزير

اسلام آباد-20 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي پاليسين ۽ صوبائي حڪومت جي نالائقي سبب سڄو ڪي پي ڪي ٻري رهيو آهي، ڪنهن جي سياست بچائڻ لاءِ دهشتگردن خلاف ايڪشن ۽ ڳجهي بنياد تي آپريشنز نه رڪبا، ڪيتري افسوس جي ڳالهه آهي ته ڪي پي ڪي جو وڏو وزير ڪي پي ڪي جي آءِ جي ۽ چيف سيڪريٽري …

اسلام آباد-20 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي پاليسين ۽ صوبائي حڪومت جي نالائقي سبب سڄو ڪي پي ڪي ٻري رهيو آهي، ڪنهن جي سياست بچائڻ لاءِ دهشتگردن خلاف ايڪشن ۽ ڳجهي بنياد تي آپريشنز نه رڪبا، ڪيتري افسوس جي ڳالهه آهي ته ڪي پي ڪي جو وڏو وزير ڪي پي ڪي جي آءِ جي ۽ چيف سيڪريٽري کي سڏائي چوي ٿو ته اسان کي دهشتگردن خلاف ناهي وڙهڻو نه ته اسين به اي اين پي، جي يو آءِ ايف، پيپلز پارٽي يا مسلم ليگ (ن) بڻجي وينداسين، وڏي وزير جي صلاح سان قومي ايڪشن پلان تحت دهشتگردن خلاف ايڪشن ٿي رهيو آهي، ڪي پي ڪي جي ڪابينه جي منظوريءَ سان 5 ارب رپين جو امدادي پيڪيج منظور ٿيو ۽ ضلعي انتظاميه ذريعي امدادي رقم متاثرن تائين پهچائي پئي وڃي. قومي اسيمبليءَ ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي مملڪتي وزير چيو ته هن وقت سڄي ملڪ ۾ به جيڪو به ايڪشن هلي رهيو آهي، اهو ايڪشن پلان جيڪو 15-2014ع ۾ بڻيو ۽ نيشنل ايڪشن پلان-2 جيڪو پي ٽي آءِ حڪومت ۾ بڻيو هو، ان تي صوبائي حڪومتون ۽ سياسي پارٽيون متفق هيون ۽ هاڻ به صوبائي حڪومتن جي معاونت ۽ صلاح مشوري سان ان تي عملدرآمد جاري آهي. انفارميشن بيسڊ آپريشنز روزانو جي بنياد تي ادارن ۽ صوبائي حڪومت جي صلاح مشوري سان ٿين ٿا. هن چيو ته اڳوڻي فاٽا ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان ۾ صوبائي حڪومت آن بورڊ آهي. امدادي پيڪيج جي رقم جي ورڇ جو پورو طريقو واضح آهي. هن چيو ته قومي اتفاق راءِ سان بڻيل قومي ايڪشن پلان تي خدشا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش سان انهن دهشتگردن کي فائدو پهچي ٿو جيڪي سڄي ملڪ لاءِ مصيبت بڻيل آهن. هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ گذريل 14 سالن کان هڪ ئي پارٽيءَ جي حڪومت آهي. سندس وڏي وزير جي صلاح مشوري سان قومي ايڪشن پلان تحت ڪارروايون ٿي رهيون آهن. جيڪي ماڻهو اسان جي جوانن جا ڪنڌ ڪٽي فٽبال کيڏن، عورتن ۽ ٻارن کي نه ڇڏين، بازارون، مدرسا، اسڪول محفوظ نه هجن انهن سان ڪا همدردي نٿي ٿي سگهي، انهن تي ايڪشن ٿيندو ئي رهندو. هن چيو ته 18-2017ع ۾ دهشتگردي ختم ٿي چڪي هئي، سڀني صوبن پنهنجا ادارا بڻايا، جنهن صوبي ۾ سڀ کان وڌيڪ دهشتگردي آهي اتي سي ٽي ڊي ناهي، فرانزڪ ليبارٽري، سيف سٽي ناهي، اهي چاهين ته رت جي هولي ٿيندي رهي. طلال چوڌري چيو ته ان ايوان اندر قومي سلامتيءَ تي بريفنگ ٿي ته هڪ پارٽي ان ۾ شريڪ نه ٿي اها پي ٽي آءِ هئي. ڪي پي ڪي ۾ نئون وڏو وزير بڻيو ته وزيراعظم مبارڪون ڏنيون. ٻن ڏينهن کانپوءِ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ وڏي وزير کي سڏايو ويو ته هو نه آيو، اسان سياسي پوائنٽ اسڪورننگ جي اجازت نه ڏينداسين. هن چيو ته سيف سٽي بنائڻ کان ڪهڙي شيءِ روڪي ٿي، ڪي پي ڪي ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي فورس ڇو نه بڻائي وئي. هن چيو ته جڏهن ڪي پي ڪي ۾ حالتون قابو ۾ نٿيون رهن ته هو ڇو اعليٰ سطحي فورم تي اتفاق ڪن ٿا ۽ پوءِ ڀڄي وڃن ٿا. هن چيو ته هڪ مهيني ۾ چار چار فيلڊ آفيسر پنهنجي رت سان ڪي پي ڪي حڪومت جي نالائقين ۽ ناهلي تي پنهنجون جانيون قربان ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اهڙن معاملن تي سياسي پوائنٽ اسڪورننگ بدران اعليٰ سطحي اجلاسن ۾ اچن، اسان هاڪاري تجويزن تي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، ڪنهن جي سياست کي بچائڻ لاءِ ڪو آپريشن نه رڪبو. هن چيو ته ڪي پي ڪي جي آءِ جي ۽ چيف سيڪريٽري کي سڏائي وڏي وزير چيو ته اسان نه وڙهنداسين، نه ته اسان به اي اين پي، جي يو آءِ ايف، پيپلز پارٽي، مسلم ليگ (ن) بڻجي وينداسين ۽ پوءِ چون ٿا ته اسان کي سياست ڪرڻ ڏيو.

مزید خبریں