اسلام آباد- 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪوڙ ۽ پروپئگنڊه جي بنياد تي نوجوانن جي ذهنن ۾ زهر اوتڻ کي بدقسمتي قرار ڏيندي چيو آهي ته ڪجهه صوبن اين ايف سي ۾ ملندڙ وسيلن مان فائدو کڻي ڀرپور ترقي ڪئي پر خيبرپختونخواهه ۾ اها نظر نه ٿي اچي، چئني صوبن جي ترقي سان پاڪستان اڳتي وڌندو، سوشل ميڊيا تي شهيدن جي قربانين جي توهين ڪري سرحد …
ڪوڙ ۽ پروپئگنڊه جي بنياد تي نوجوانن جي ذهنن ۾ زهر اوتڻ بدقسمتي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد- 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪوڙ ۽ پروپئگنڊه جي بنياد تي نوجوانن جي ذهنن ۾ زهر اوتڻ کي بدقسمتي قرار ڏيندي چيو آهي ته ڪجهه صوبن اين ايف سي ۾ ملندڙ وسيلن مان فائدو کڻي ڀرپور ترقي ڪئي پر خيبرپختونخواهه ۾ اها نظر نه ٿي اچي، چئني صوبن جي ترقي سان پاڪستان اڳتي وڌندو، سوشل ميڊيا تي شهيدن جي قربانين جي توهين ڪري سرحد پار دشمن جي آواز سان آواز ملايو وڃي ٿو، خيبرپختونخواهه کي دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ 800 ارب رپيا ڏنا، دهشتگردن جو خاتمو ڪرڻ تائين قوم سُک سان نه ويهندي، افغانستان جي عبوري حڪومت اسان جي هڪ نه ٻڌي، پوءِ انهن کي سبق سيکاريو، هاڻي انهن کي فيصلو ڪرڻو آهي ته پرامن پاڙيسري جي طور تي رهڻو آهي يا نه. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي ورڪشاپ ۾ خيبرپختونخواهه جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزير خواجه محمد آصف، عطاءُ الله تارڙ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. وزيراعظم خيبرپختونخواهه کي پاڪستان جو هڪ انتهائي اهم ۽ اسٽريٽجڪ صوبو قرار ڏيندي خيبرپختونخواهه جي عوام جي غيرت، جرئت ۽ بهادري کي ساراهيو ۽ چيو ته خيبرپختونخواهه دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ بي مثال قربانيون ڏنيون. هن چيو ته افغان جنگ جي نتيجي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو تاريخ جو حصو ۽ سڀني جي سامهون آهي، 40 لک افغان پناهگير هجرت ڪري آيا ته خيبرپختونخواهه ۽ پاڪستان جي عوام سندن مهمان نوازي، ميزباني ۽ خاطرداري ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي، اهو بطور مسلمان ۽ پاريسري اسان جو فرض هو پر ان جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ ڪلاشنڪوف ڪلچر آيو ۽ سڄي ملڪ ۾ دهشتگردي ڪَر کنيو جنهن ۾ هزارين بيگناهه شهيد ٿيا، خيبرپختونخواهه ان جنگ ۾ فرنٽ لائين رهيو آهي جتي سياستدانن، ڊاڪٽرز، انجنيئرز، پاڪ فوج، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سميت زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن ۽ عام شهرين پنهنجون جانيون قربان ڪيون جنهن جي نتيجي ۾ 2018ع ۾ دهشتگردي جو خاتمو ٿيو، اي پي ايس سانحي کانپوءِ سياسي حڪومت فيصلو ڪيو ته هاڻي گڊ ۽ بيڊ طالبان جو ڪو فرق نه آهي، هڪ لک نوجوانن، آفيسرن ۽ عام شهرين جي قربانين جي ڪري دهشتگردي جو خاتمو ٿيو پر ان ناسور 2018ع کانپو ٻيهر ڪَر ڇو کنيو؟ اهو چڀجندڙ سوال آهي جنهن جو جواب سڀني کي معلوم آهي، اها فاش غلطي هئي، سوات مان سوين دهشتگردن کي آزاد ڪيو ۽ افغانستان مان هزارين کي واپس آڻي رهايو ويو ان جي ڪري دهشتگردي ٻيهر شروع ٿي جنهن ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي تي وار ڪيو، روزانو ڪٿي نه ڪٿي ڪو واقعو ٿئي ٿو جنهن ۾ اسان جو ڪو بهادر فرزند جيڪو پنهنجي ٻارن کي خدا حافظ چئي محاذ تي وڃي ٿو اهو دهشتگردن جو مقابلو ڪندي شهيد ٿئي ٿو ۽ پنهنجي ٻارن کي يتيم ڪري قوم جي ٻارن کي يتيم ٿيڻ کان بچائي ٿو، ان کان وڌيڪ ڪا قرباني ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟ ان قرباني جو جيترو احترام ڪيو وڃي گهٽ آهي پر سوشل ميڊيا تي زهر اوڳاڇيو وڃي ٿو ۽ شهيدن جي توهين جي ناپاڪ ڪوشش ڪري سرحد پار دشمنن جي آواز سان آواز ملايو وڃي ٿو. وزيراعظم چيو ته هاڻي وقت آهي ته اسان ان صورتحال ۽ طرزعمل جو جائزو وٺون. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته سمورا خارجي جيڪي پاڪستان جي اندر ۽ ٻاهران حملي آور آهن انهن جو خاتمو ڪرڻ تائين قوم سُک سان نه ويهندي. وزيراعظم ياد ڏياريو ته 2010ع ۾ اين ايف سي ايوارڊ ۾ پنجاب اڳرائي ڪئي ۽ سمورن صوبن گڏجي پنهنجي حصي مان هڪ سيڪڙو خيبرپختونخواهه کي دهشتگردي جي مقابلي جي لاءِ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، 15 سالن ۾ 800 ارب رپيا دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ خيبرپختونخواهه کي ڏنا ويا ۽ اهو سلسلو اڄ به جاري آهي، بلوچستان جي لاءِ به پنجاب پنهنجي حصي مان اضافي وسيلا فراهم ڪيا ۽ بلوچستان جي لاءِ 100 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو، اهو ڪو احسان نه آهي جيڪڏهن پنجاب ترقي ڪري ٿو ۽ باقي نه ته اها پاڪستان جي ترقي نه آهي، حڪومت جو ايان آهي ته چار ئي صوبا ترقي ڪندا ته پاڪستان ترقي ڪندو، بلوچستان جي 850 ڪلوميٽر خوني رستي جي لاءِ 400 ارب رپيا رکيا، بلوچستان کان هڪ رپيو نه ورتو، صوبي جي آبادگارن جي لاءِ سولر پينلز جي فراهمي جي لاءِ 75 ارب رپين جي منصوبي مان 50 ارب رپيا وفاق ڏنا جهن سان اڄ ٽيوب ويلز هلي رهيا آهن، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۾ دانش اسڪولن جو ڄار وڇايو پيو وڃي، شاگردن کي ميرٽ تي ليپ ٽاپس ۽ وظيفا ڏنا پيا وڃن جنهن جي لاءِ فنڊ قائم ڪيو ويو آهي، لکين شاگرد ۽ شاگردياڻيون ان مان فائدو کڻي تعليمي ميدان ۾ ڪاميابيون ماڻي رهيا آهن، هڪ هزار زرعي گريجوئيٽس کي زراعت جي اعليٰ تعليم ۽ تربيت جي لاءِ چين جي اعليٰ يونيورسٽين ۽ ادارن ۾ موڪليو جن ۾ آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سميت چئني صوبن جا گريجوئيٽس شامل آهن، اهي تربيت يافته ماڻهو زرعي جنسن جي پيداوار وڌائڻ ۽ زرعي انقلاب آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. وزيراعظم ياد ڏياريو ته خيبرپختونخواهه جي عوام 1947ع ۾ پاڪستان جي حق ۾ ووٽ ڏنو ۽ قائداعظم جي ولولي انگيز قيادت سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيٺل رهيا، 1971ع جي جنگ ۾ رضاڪاراڻي طور تي افغانستان سان ٽرانزٽ ٽريڊ بند ڪري ڇڏي، الله تعاليٰ خيبرپختونخواهه کي معدنيات جي دولت سان نوازيو آهي، اهي وسيلا خيبرپختونخواهه ۽ پاڪستان جي عوام جي ڀلائي لاءِ خرچ ٿيڻ گهرجن ها پر باقي صوبن سان خيبرپختونخواهه جي 10 سالا ڪارڪردگي جي ڀيٽ ڪريو ته سڀ ڪجهه واضح ٿي ويندو، اين ايف سي ايوارڊ ۾ چئني صوبن کي وسيلا ملن ٿا، ڪنهن فائدو کڻي ان سان ڀرپور ترقي ڪئي پر خيبرپختونخواهه ۾ جيڪا ترقي ٿيڻ گهرجي ها اها نظر نه ٿي اچي، پنهنجي گريبان ۾ جهاتيءَ پائي ان جو جواب ڳولڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته 6 مئي تي ڀارت پاڪستان تي جارحيت جو ارتڪاب ڪندي 53 بيگناهه پاڪستانين کي شهيد ڪيو ته پاڪستان سخت جوابي ڪارروائي ڪئي ۽ دشمن جا 7 ويڙهاڪ جهاز ڪيرايا، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ دشمن کي اهو سبق سيکاريو جنهن جو تازي تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي ۽ دشمن کي سدائين اهو سبق ياد رهندو. وزيراعظم چيو ته معرڪه حق ۾ فتح کانپوءِ گرين پاسپورٽ کي هاڻي دنيا ۾ عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، ملڪ ۾ معاشي استحڪام اچي ويو آهي، هاڻي پائيدار ترقي جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، اهو وقت پري نه آهي جڏهن محنت، امانت، ديانت ۽ ٽيم ورڪ جي ذريعي پاڪستان کي عالمي دنيا ۾ ان جو وڃايل مقام ڏيارينداسين. افغانستان سان لاڳاپن جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته افغانستان پاڙيسري ملڪ آهي ۽ اسان هڪ ٻئي سان گڏ ڳنڍيل آهيون، افغانستان جي ماضي ۽ حال جي حڪومتن اسان جي ميزباني جو قدر نه ڪيو، ڀائيچاري جي جواب ۾ ڀائيچاري جو مظاهرو نه ٿيو ۽ جهڙي طرح افغانستان جواب ڏنو اهو افسوس جوڳو آهي، افغان سرزمين تان پاڪستان جي خلاف دهشتگردي ٿي رهي آهي، دوحه ۽ چين ۾ افغان عبوري حڪومت سان ڳالهه ٻولهه ٿي، انهن تي ٽي ٽي پي، بي ايل اي سميت ڀارت جي آشيرواد سان ڪم ڪندڙ پراڪسيز جون ڪارروايون روڪڻ تي زور ڏنو پر انهن ڪو مثبت جواب نه ڏنو ۽ اسان جي هڪ نه ٻڌي، پوءِ انهن کي سبق سيکاريو، انهن اسان کي مجبور ڪيو ته ٽرانزٽ ٽريڊ بند ڪريون، اسان انساني همدرديءَ جي بنياد تي دوائون ۽ ضروري سامان نه روڪيو، هاڻي افغان عبوري حڪومت تي آهي ته اها پرامن پاڙيسري جي طور تي رهڻ چاهين ٿا يا نه. خيبرپختونخواهه حڪومت سان لاڳاپن جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته وفاق ۽ خيبرپختونخواهه ۾ سرد جنگ جو تاثر صحيح نه آهي، مون سهيل آفريدي کي وڏو وزير بڻجڻ جي فوري پوءِ فون ڪري مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو پر هن مثبت جواب نه ڏنو، چترال ۾ دانش اسڪول جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي موقعي تي مون کيس ٻيهر گڏجي ويهي ڳالهه ڪرڻ جي دعوت ڏني پر بدقسمتي سان ڪوڙ ۽ پروپئگنڊه جي بنياد تي نوجوانن جي ذهنن ۾ زهر اوڳاڇيو ويو. وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه سميت چئني صوبن جي نوجوانن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪري رهيا آهيون، ان جي لاءِ مختلف پروگرام شروع ڪيا ويا اهن. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وزيراعظم ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ وزيراعظم صحت پروگرام ٻيهر جاري ڪيو ويو آهي، اهو پروگرام 2016ع ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف شروع ڪيو هو، ان پروگرام تحت وفاقي گادي واري شهر، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي عوام جي مفت علاج جي لاءِ 40 ارب رپيا فراهم ڪيا ويندا.











