اسلام آباد- 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 20 کان 23 جنوري ڊيووس – ڪوسٽرز سوئٽزرلينڊ ۾ منعقد ٿيندڙ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ هڪ اعليٰ سطحي وفد جي قيادت ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب وفد ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سميت ٻيون اهم شخصيتون شامل هونديون. وزيراعظم جي دوري دوران ڪيتريون ئي اهم ۽ …
وزيراعظم محمد شهباز شريف ورلڊ اڪنامڪ فورم جي سالياني اجلاس ۾ پاڪستان جي اعليٰ سطحي وفد جي قيادت ڪندو: پرڏيهي آفيس

مزید خبریں
اسلام آباد- 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 20 کان 23 جنوري ڊيووس – ڪوسٽرز سوئٽزرلينڊ ۾ منعقد ٿيندڙ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ هڪ اعليٰ سطحي وفد جي قيادت ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب وفد ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سميت ٻيون اهم شخصيتون شامل هونديون. وزيراعظم جي دوري دوران ڪيتريون ئي اهم ۽ بامعنيٰ مصروفيتون شامل آهن جن ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي اهتمام هيٺ عالمي اقتصادي اڳواڻن جي غيررسمي اجلاس جي سيشن ”ورڇ ٿيل دنيا ۾ مڪالمي جي روح جي بحالي“ ۾ شرڪت پڻ شامل آهي. وزيراعظم پاڪستان بابت هڪ خصوصي ”اعليٰ سطحي ڪاروباري گول ميز“ جي ميزباني ۽ صدارت پڻ ڪندو جنهن ۾ مختلف عالمي ڪارپوريٽ اڳواڻ شريڪ ٿيندا. دوري جي موقعي تي وزيراعظم جي ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن ۽ ڪاروباري شخصيتون سان ملاقاتون پڻ متوقع آهن. دوري دوران وزيراعظم عالمي ۽ علائقائي امن ۽ ترقي جي حوالي سان پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. وزيراعظم معيشت، واپار ۽ سيڙپڪاري جي موقعن جي شعبن ۾ حڪومت جي ويزن ۽ ڪاميابين کي اجاگر ڪندو. ورلڊ اڪنامڪ فورم جو ساليانو اجلاس سياسي اڳواڻن، ڪاروباري شخصيتن، عالمي تنظيمن جي سربراهن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري ٿو. اجلاس ۾ موجوده، جاگرافيائي، سياسي، معاشي، سماجي ۽ ماحولياتي مسئلن تي غور فڪر ڪيو وڃي ٿو.











