اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري ۽ پي آءِ او پاران سينيئر صحافي سيد عون شيرازي جي گهرواريءَ جي لاڏاڻي تي ڏُک جو اظهار

اسلام آباد- 20 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري اشفاق احمد خليل ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر (پي آءِ او) مُبشر حسن سينيئر صحافي سيد عون شيرازي جي گهرواريءَ جي لاڏاڻي تي ڏُک جو اظهار ڪيو آهي. ڪالهه اڱاري ڏينهن پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر سوڳوارن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو.  اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري …

اسلام آباد- 20 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري اشفاق احمد خليل ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر (پي آءِ او) مُبشر حسن سينيئر صحافي سيد عون شيرازي جي گهرواريءَ جي لاڏاڻي تي ڏُک جو اظهار ڪيو آهي. ڪالهه اڱاري ڏينهن پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر سوڳوارن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو.  اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري اشفاق احمد خليل چيو ته سيد عون شيرازي جي گهرواريءَ جي لاڏاڻي جي خبر ٻُڌي وڏو ڏُک ٿيو آهي. اطلاعات واري وزارت سوڳوار خاندان جي ڏُک ۾ برابر جي شريڪ آهي، هُنن مرحومه جي مغفرت ۽ پونئرن جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دُعا ڪئي.

مزید خبریں