قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي اڳواڻيءَ ۾ پارلياماني وفد 3 ڏينهن جي سرڪاري دؤري تي بيجنگ پهچي ويو

بيجنگ-19 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي اڳواڻيءَ ۾ پارلياماني وفد 3 ڏينهن جي سرڪاري دؤري تي بيجنگ پهچي ويو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب 5 رڪني پارلياماني وفد 19 کان 21 جنوريءَ تائين چين جو سرڪاري دؤرو ڪري رهيو آهي. هي دؤرو نيشنل پيپلز ڪانگريس جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين چين زالي جي خاص دعوت تي ڪيو پيو وڃي. قومي اسيمبليءَ جي ترجمان موجب …

بيجنگ-19 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي اڳواڻيءَ ۾ پارلياماني وفد 3 ڏينهن جي سرڪاري دؤري تي بيجنگ پهچي ويو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب 5 رڪني پارلياماني وفد 19 کان 21 جنوريءَ تائين چين جو سرڪاري دؤرو ڪري رهيو آهي. هي دؤرو نيشنل پيپلز ڪانگريس جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين چين زالي جي خاص دعوت تي ڪيو پيو وڃي. قومي اسيمبليءَ جي ترجمان موجب بيجنگ ايئرپورٽ تي وفد جو شاندار آڌرڀاءُ ڪيو ويو. پاڪستاني وفد جي بيجنگ آمد تي اين پي سي جي ميمبر اويانگ چانگ چيونگ ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل باءِ ڊينڊن وفد جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي چين ۾ پاڪستاني سفارتخاني جو ناظم الامور اعزاز خان به موجود هو. سال 2026ع ۾ پاڪستاني پارلياماني وفد جو چين جو هي پهريون سرڪاري دؤرو آهي. هي دؤرو پاڪستان ۽ چين جي پُراڻي سدا بهار دوستيءَ جو اهڃاڻ آهي. دؤري دوران سردار اياز صادق چين جي پارلياماني ۽ سياسي قيادت سان اهم ملاقاتون ڪندو. اسپيڪر چيئرمين اين پي سي زالي جي ۽ سي پي پي سي سي جي چيئرمين وانگ هوننگ سان به ملاقاتون ڪندو. ملاقاتن ۾ پارلياماني تعاون ۽ ٻه طرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. وفد چيني ڪميونسٽ پارٽي جي پارٽي اسڪول ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف چائينا جي ميوزم جو به دؤرو ڪندو. اميد آهي ته هي دؤرو پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم سنگِ ميل ثابت ٿيندو. وفد ۾ ڪنوينيئر پاڪستان چين پارلياماني فرينڊشپ گروپ روبينه خورشيد عالم، قومي اسيمبليءَ جو ميمبر محمد نعمان، پارلياماني سيڪريٽري زيب جعفر ۽ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر مولانا عبدالغفور حيدري به شامل آهن.

مزید خبریں