توانائيءَ واري وفاقي وزير سان عالمي بئنڪ جي اعليٰ سطحي وفد ۽ اسلامي ترقياتي بئنڪ جي نائب صدر آپريشنز جي ملاقات

اسلام آباد-19 جنوري (اي پي پي) توانائيءَ واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري سان عالمي بئنڪ جي هڪ اعليٰ سطحي وفد ۽ اسلامي ترقياتي بئنڪ جي نائب صدر آپريشنز ڊاڪٽر رامي احمد ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان جي توانائيءَ جي شعبي کي پائيدار، مؤثر ۽ جديد رُخن تي آڻڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاور ڊويزن جي ترجمان موجب عالمي بئنڪ جي وفد جي اڳواڻي ورلڊ …

اسلام آباد-19 جنوري (اي پي پي) توانائيءَ واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري سان عالمي بئنڪ جي هڪ اعليٰ سطحي وفد ۽ اسلامي ترقياتي بئنڪ جي نائب صدر آپريشنز ڊاڪٽر رامي احمد ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان جي توانائيءَ جي شعبي کي پائيدار، مؤثر ۽ جديد رُخن تي آڻڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاور ڊويزن جي ترجمان موجب عالمي بئنڪ جي وفد جي اڳواڻي ورلڊ بئنڪ جو وچ اوڀر، اتر آفريقا، افغانستان ۽ پاڪستان ريجن جو نائب صدرعثمان ڊيون ڪئي. ان موقعي تي اسلامي ترقياتي بئنڪ جو نائب صدر آپريشنز ڊاڪٽر رامي احمد به وفاقي وزير سان ملاقات ڪئي. وفاقي وزير ورلڊ بئنڪ جي وفد کي ڀليڪار چيو ۽ پاڪستان ۾ ترقياتي منصوبن لاءِ اداري جي پُراڻي مدد تي ٿورن جو اظهار ڪيو. هن هاڻوڪي ورلڊ بئنڪ هيڊ ڪوارٽر جي دؤري جو حوالو ڏيندي چيو ته توانائي جي درپيش چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ مضبوط حصيدارين جو تسلسل اڻٽر آهي. ڳالهين دوران ورلڊ بئنڪ جي وفد قابلِ اعتماد ۽ گهٽ لاڳت توانائي نظام جي اهميت تي زور ڀريو، جڏهن ته اسلامي ترقياتي بئنڪ جي نائب صدر ڊاڪٽر رامي احمد پائيدار توانائي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گڏيل قدمن جي امڪانن کي اجاگر ڪيو. وفاقي وزير بجلي جي شعبي ۾ هدفي سڌارن ذريعي بهتري جي عزم کي ورجائيندي چيو ته حڪومت پائيدار، بجلي جي رسد ۽ ورڇ جي سمورن شعبن ۾ سڌارن تي عمل ڪري رهي آهي. هن ٻُڌايو ته پيداواري رسد منصوبا بنديءَ کي مربوط انداز ۾ جوڙيو ويو آهي ۽ اينٽيگريٽڊ جنريشن ڪيپيسٽي ايڪسپينشن پلان (آءِ جي سي اي پي) کان تقريبن 8 هزار ميگاواٽ مهانگي بجلي ۽ غير ضروري بجلي گهرن کي ڪڍيو ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ مستقبل ۾ صارفين تي پوندڙ تقريبن 17 ارب آمريڪي ڊالرن جي بار کان بچاءُ ممڪن ٿيو آهي. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين ۾ ڪيل نااهلين ۾ گهٽتائيءَ جي نتيجي ۾ 197 ارب رپيا جي بهتري حاصل ٿي آهي جڏهن ته گردشي قرض 780 ارب رپين تائين گهٽ ٿي چڪو آهي، درآمدي ڪوئلي تي هلندڙ بجلي گهرن کي مقامي ڪوئلي تي منتقل ڪيو پيو وڃي. رسد واري نظام ۾ موجود رڪاوٽن جي خاتمي سان گڏوگڏ خودڪار ميٽرنگ جي مڪمل لاڳو ڪرڻ لاءِ جامع جائزو به جاري آهي. وفاقي وزير موجب بجلي جي طلب ۾ واڌ ۽ ٽيرف جي استحڪام لاءِ صنعتي ۽ زرعي صارفين لاءِ رليف پيڪيج متعارف ڪرايا ويا آهن. ڪيپٽو پاور پلانٽس کي قومي گرڊ ۾ منتقل ڪيو پيو وڃي ته جيئن مجموعي نظام جي ڪارڪردگي بهتر ٿئي. اليڪٽرڪ وهيڪلز کي هٿي وٺرائڻ لاءِ خصوصي ٽيرف رليف ڏنو پيو وڃي جيڪو ماحولياتي تحفظ ۽ ٻارڻ تي گهٽ ڀاڙڻ جو سبب بڻجندو. نيٽ ميٽرنگ جي قاعدن ۽ ضابطن کي به وڌيڪ منصفاڻو بڻائڻ لاءِ بهتر ڪيو پيو وڃي. مارڪيٽ ۽ گورننس سڌارن جي حوالي سان وفاقي وزير ٻُڌايو ته چٽاڀيٽي کي هٿي ڏيڻ لاءِ هول سيل بجلي مارڪيٽ کي مرحليوار آزاد ڪيو پيو وڃي. توانائي رٿابندي کي اداره جاتي بنيادن تي اختيار ڪيو ويو آهي ۽ 5 سالن جي قومي بجلي منصوبي تي عملدرآمد لاڳو ٿي چڪو آهي. نيشنل گرڊ ڪمپني سسٽم آپريٽر ۽ پرائيويٽ پاور بورڊ سميت اهم ادارن جي نئين سر تنظيم سازي ڪئي پئي وڃي ته جيئن انهن جي ڪارڪردگيءَ کي وڌيڪ بڻائي سگهجي. توانائيءَ واري وزارت جو فني يونٽ پاور پلاننگ اينڊ مانيٽرنگ ڪمپني (پي پي ايم سي)، سڌارن جي نگراني ۽ تجزياتي معاونت فراهم ڪري رهيو آهي جڏهن ته صارفين جي سهولت ۽ مؤثر نگرانيءَ لاءِ جديد آءِ ٽي نظام متعارف ڪرايو پيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته صاف ۽ تجديد جوڳي توانائي طرف منتقلي ئي ڊگهي مُدي جي منصوبا بندي توانائي سلامتي ۽ معاشي خوشحالي جو بنياد آهي، ان موقعي تي عثمان ڊيون ۽ ڊاڪٽر رامي احمد توانائيءَ جي شعبي ۾ سڌارن لاءِ پاڪستان حڪومت ۽ توانائيءَ واري وزارت جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ وقت سر عملي سڌارن کي بجلي جي شعبي ۾ ڪارڪردگي مالي استحڪام ۽ خدمتن جي فراهميءَ ۾ بهتري جو ذريعو قرار ڏنو. هن ان وقت تائين ٿيل اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي يقين ڏياريو ته ڄاڻايل قدم پاڪستان جي توانائي نظام کي مضبوط بڻائڻ، سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ واڌ ۽ ڊگهي مُدي جي معاشي ترقيءَ لاءِ مددگار ثابت ٿيندا. هن پاڪستان سان پائيدار ۽ قابلِ اعتماد توانائيءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ مسلسل تعاون جي خاطري به ڪرائي.

مزید خبریں