ايڊوانسڊ انفراسٽرڪچر نيٽ ورڪ منصوبو پاڪستان ريلوي کي جديد، محفوظ ۽ مسافر دوست ادارو بڻائڻ طرف انقلابي قدم آهي: محمد حنيف عباسي

اسلام آباد-19 جنوري (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته ريلوي ايڊوانسڊ انفراسٽرڪچر نيٽ ورڪ منصوبو پاڪستان ريلوي کي جديد، محفوظ ۽ مسافر دوست بڻائڻ طرف هڪ انقلابي قدم آهي. اهڙو اظهار هن اسلام آباد ۾ منصوبي جي حوالي سان رٿيل هڪ اعليٰ سطح جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس دوران ڊائريڪٽوريٽ آف آءِ ٽي طرفان منصوبي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وفاقي …

اسلام آباد-19 جنوري (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته ريلوي ايڊوانسڊ انفراسٽرڪچر نيٽ ورڪ منصوبو پاڪستان ريلوي کي جديد، محفوظ ۽ مسافر دوست بڻائڻ طرف هڪ انقلابي قدم آهي. اهڙو اظهار هن اسلام آباد ۾ منصوبي جي حوالي سان رٿيل هڪ اعليٰ سطح جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس دوران ڊائريڪٽوريٽ آف آءِ ٽي طرفان منصوبي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وفاقي وزير کي خاطري ڪرائي وئي ته رين منصوبي جو فيز ون جون 2026ع تائين مڪمل ڪيو ويندو. هن فيز جي سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته ان کي پاڪستان ريلوي جي پنهنجي روينيو (آمدني) سان مڪمل ڪيو پيو وڃي جيڪو اداري جي ماليت استحڪام ۽ پاڻڀري هئڻ جي علامت آهي. پاڪستان ريلوي جي تاريخ جي ان جامع ڊجيٽلائزيشن منصوبي تحت سمورن ٽرينن ۽ انجڻن جي ريئل ٽائيم جي پي ايس ٽريڪنگ، راولپنڊي ماڊل جي طرز تي سمورن وڏن ريلوي اسٽيشنن کي سيف اينڊ سمارٽ اسٽيشنز ۾ تبديل ڪرڻ، چونڊيل اسٽيشنز تي مسافرن لاءِ تيز رفتار انٽرنيٽ جي فراهمي لاهور هيڊ ڪوارٽر سميت سمورين ڊويزنن ۾ جديد ڪنٽرول سسٽم جو قيام، ايم ايل ون جي 1700 ڪلوميٽر ڊگهي نيٽ ورڪ تي آپٽڪ فائبر وڇائڻ جو ڪم شامل آهي. وفاقي وزير اجلاس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ان سسٽم کي لاڳو ڪرڻ سان ٽرينن جي اچ وڃ ۾ دير جو خاتمو ٿي ويندو. حادثن ۾ نمايان گهٽتائي ايندي. هن وڌيڪ چيو ته ڪمان اينڊ ڪنٽرول سسٽم ذريعي ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ فوري ردِعمل ممڪن ٿيندو جنهن سان مسافرن جو تحفظ يقيني بڻجندو. اجلاس ۾ واضح ڪيو ويو ته رين منصوبو ڊيٽا جي بنياد تي فيصلا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، جنهن آپريشنل ڪارڪردگيءَ ۾ واڌ ۽ انساني غلطي جو امڪان گهٽ کان گهٽ ٿيندو.

مزید خبریں