وزيراعظم جي هدايت تي هلندڙ ٿڌ جي موسم ۾ گهريلو صارفين کي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ گيس فراهم ڪئي وئي آهي: علي پرويز ملڪ

اسلام آباد-19 جنوري (اي پي پي) توانائي واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته وزيراعظم جي هدايت تي هلندڙ سردين جي موسم ۾ گهريلو صارفين کي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ گيس فراهم ڪئي وئي آهي، سمورن شعبن لاءِ گيس موجود آهي، ڪوئيٽه ۽ بلوچستان جي 70 کان 80 سيڪڙو ميٽرن ۾ ٽمپرنگ جون شڪايتون آهن. قومي اسيمبليءَ ۾ سوالن جي وقفي دوران آسيه ناز تنولي جي …

اسلام آباد-19 جنوري (اي پي پي) توانائي واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته وزيراعظم جي هدايت تي هلندڙ سردين جي موسم ۾ گهريلو صارفين کي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ گيس فراهم ڪئي وئي آهي، سمورن شعبن لاءِ گيس موجود آهي، ڪوئيٽه ۽ بلوچستان جي 70 کان 80 سيڪڙو ميٽرن ۾ ٽمپرنگ جون شڪايتون آهن. قومي اسيمبليءَ ۾ سوالن جي وقفي دوران آسيه ناز تنولي جي سوال تي مملڪتي وزير ايوان کي ٻُڌايو ته وزيراعظم هلندڙ سردين جي موسم دوران گهريلو صارفين کي گيس جي فراهمي کي ترجيح ڏيڻ جي هدايت ڪئي هئي، وزيراعظم جي هدايت تي گذريل سردين جي موسم جي ڀيٽ ۾ جاري موسم دوران صارفين کي وڌيڪ گيس فراهم ڪئي وئي آهي. نومبر 2024ع ۾ گهريلو صارفين کي 470 ايم ايم سي ايف ڊي جڏهن ته نومبر 2025ع ۾ 570 ايم ايم سي ايف ڊي گيس فراهم ڪئي وئي، اهڙيءَ طرح ڊسمبر 2024ع جي 680 ايم ايم سي ايف ڊي جي ڀيٽ ۾ ڊسمبر 2025ع ۾ گهريلو صارفين کي 780 ايم ايم سي ايف ڊي گيس فراهم ڪئي وئي. مملڪتي وزير چيو ته جنوري 2025ع جي 800 ايم ايم سي ايف ڊي جي ڀيٽ ۾ جنوري 2026ع ۾ گهريلو صارفين کي 1000 ايم ايم سي ايف ڊي جي ويجهو گيس فراهم ڪئي وئي. مملڪتي وزير چيو ته آر ايل اين جي وافر مقدار ۾ موجود آهي، سپلاءِ سائيڊ تي ٻارڻ ايل اين اي جي ڪارگوز شامل ڪيا ويا آهن. آر ايل اين جي، جي نظام ۾ شموليت سان سمورن شعبن جي طلب کي پورو ڪرڻ لاءِ گيس وافر مقدار ۾ موجود آهي. هن چيو ته اسان گيس جي کوٽ کي مُنهن ڏيڻ لاءِ عملي قدم کنيا آهن، جيڪڏهن ڪٿي گيس پريشر جو مسئلو آهي ته اسان جي علم ۾ آندو وڃي. عاليه ڪامران جي ضمني سوال تي هن چيو ته ڪوئيٽه ۾ ميٽر ٽمپرنگ جا مسئلا موجود آهن. 70 کان 80 سيڪڙو ميٽرن ۾ ٽمپرنگ آهي، بلوچستان مان جيتري گيس حاصل ٿي رهي آهي ان کان وڌيڪ گيس فراهم ڪئي پئي وڃي. ثمينه گهرڪي جي سوال تي هن چيو ته گيس جي حوالي سان هرهڪ شڪايت تي ٽيگ لڳي ٿو ۽ ان حوالي سان سموري ڊيٽا به موجود آهي. گيس جي حوالي سان شڪايتن ۾ گهٽتائي آئي آهي. شهريار آفريدي جي سوال تي مملڪتي وزير چيو ته آر ايل اين جي ٽيرف جو تعين اوگرا ڪري ٿو، آر ايل اين جي جا ڪنيڪشن پوري ملڪ ۾ ڏنا وڃن ٿا، گيس فيلڊ جي 5 ڪلوميٽرن اندر ۽ ٻاهر آر ايل اين جي جو ڪنيڪشن لڳي ٿو. شرميلا فاروقي جي ضمني سوال تي هن چيو ته جنوري 2025ع جي 800 ايم ايم سي ايف ڊي جي ڀيٽ ۾ جنوري 2026ع ۾ گهريلو صارفين کي 1000 ايم ايم سي ايف ڊي گيس فراهم ڪئي وئي.

مزید خبریں