مذهبي معاملن واري وفاقي وزير جي قاهره آمد، عالمي اسلامي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو

قاهره-19 جنوري (اي پي پي) مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير سردار محمد يوسف هڪ اهم دؤري تي مصر جي گاديءَ واري هنڌ قاهره پهتو. هو سپريم ڪائونسل آف اسلامڪ افيئرز جي انتظام هيٺ رٿيل 36هين عالمي ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. قاهره ايئرپورٽ تي وفاقي وزير جو شاندار استقبال ڪيو ويو. ان موقعي تي مصر جي اوقاف واري کاتي جي اعليٰ عملدارن ۽ قاهره ۾ پاڪستاني سفارتخاني جا سينيئر …

قاهره-19 جنوري (اي پي پي) مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير سردار محمد يوسف هڪ اهم دؤري تي مصر جي گاديءَ واري هنڌ قاهره پهتو. هو سپريم ڪائونسل آف اسلامڪ افيئرز جي انتظام هيٺ رٿيل 36هين عالمي ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. قاهره ايئرپورٽ تي وفاقي وزير جو شاندار استقبال ڪيو ويو. ان موقعي تي مصر جي اوقاف واري کاتي جي اعليٰ عملدارن ۽ قاهره ۾ پاڪستاني سفارتخاني جا سينيئر آفيسر به موجود هئا. سردار محمد يوسف سپريم ڪائونسل آف اسلامڪ افيئرز جي اهم نشست ۾ شرڪت ڪندو، جتي مختلف ملڪن جا نمائندا اسلامي معاملن، مذهبي هم آهنگي ۽ عالمِ اسلام کي درپيش مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. دؤري سان پاڪستان ۽ مصر وچ ۾ مذهبي ۽ ثقافتي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ملڻ جي توقع آهي.

مزید خبریں