قومي غذائي تحفظ ۽ـ تحقيق واري وزارت چيني سيڙپڪارن جي مڪمل معاونت لاءِ پُرعزم آهي: راڻا تنوير حسين

اسلام آباد-19 جنوري (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چين سان اسٽريٽجڪ معاشي حصيداري کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي پُختي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته خاص ڪري زراعت ۽ غذائي تحفظ جي شعبن ۾ هڪ سازگار ۽ شفاف سيڙپڪار دوست ماحول يقيني بڻايو پيو وڃي. هتي پاڪستان چين سيڙپڪاري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته قومي غذائي تحفظ …

اسلام آباد-19 جنوري (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چين سان اسٽريٽجڪ معاشي حصيداري کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي پُختي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته خاص ڪري زراعت ۽ غذائي تحفظ جي شعبن ۾ هڪ سازگار ۽ شفاف سيڙپڪار دوست ماحول يقيني بڻايو پيو وڃي. هتي پاڪستان چين سيڙپڪاري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته قومي غذائي تحفظ ۽ـ تحقيق واري وزارت چيني سيڙپڪارن جي مڪمل معاونت لاءِ پُرعزم آهي، جنهن ۾ ريگيوليٽري معاملن ۾ سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ سمورن لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي مؤثر رابطا ڪاري شامل آهي. هن چيو ته حڪومت جو مقصد صرف سيڙپڪاري حاصل ڪرڻ نه پر پاڪستان کي اهڙو ملڪ بڻائڻ آهي جتي چيني ڪمپنيون پاڪستاني حصيدارن سان گڏجي ترقي ڪن، جدت آڻين ۽ ڪامياب ٿين. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ چين گڏجي جدت جون نيون راهون پار ڪري سگهن ٿا، زرعي ٽيڪنالاجيءَ کي تبديل ڪري سگهن ٿا، غذائي تحفظ کي مضبوط بڻائي سگهن ٿا ۽ خطي جي معاشي منظرنامي کي به نئين شڪل ڏئي سگهن ٿا. هن جرئت، عزم ۽ گڏيل احترام سان اڳتي وڌڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. راڻا تنوير حسين چيو ته هي صرف هڪ سيڙپڪاري فورم ناهي پر هڪ اهڙي دوستيءَ جي تجديد آهي جيڪا وقت جي هر پرک تي پورو لهي ٿي. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين صرف اسٽريٽجڪ حصيدار نه پر ڀائر آهن. ٻه طرفي معاشي لاڳاپن جي مضبوطيءَ کي اجاگر ڪندي وفاقي وزير چيو ته مالي سال 25-2024ع ۾ پاڪستان جي چين کي روانگي واپار تقريبن 2.38 ارب ڊالرن تائين پهچي وئي جڏهن ته آمدني واپار 16.3 ارب ڊالر رهيو جيڪو عالمي معاشي دٻاءُ باوجود ٻنهي طرفان وڌندڙ طلب جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته هي ڪارڪردگي چين پاڪستان آزاد واپاري معاهدي (سي پي ايف سي اي) تحت لچڪ ۽ وڌندڙ موقعن جو ثبوت آهي. هن چيو ته سي پيڪ جو پهريون مرحلو مڪمل ۽ سي پيڪ جي ٻئي مرحلي جي شروعات سان صنعتي ترقي، ٽيڪنالاجي جي منتقلي، تجديد جوڳي توانائي ۽ عوامي فلاح تي ٻَڌل ترقيءَ طرف واضح اڳڀرائي آهي. هن چيو ته سيپٽمبر 2025ع ۾ 41 مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ٿيون، جن ۾ جديد پوکي، لائيو اسٽاڪ، ماهيگيري، زرعي مشينري ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي منتقلي شامل آهي. اهي قدم صرف منصوبا ناهن پر ترقي ۽ گڏيل اعتماد جو بنياد آهن. هن وڌيڪ چيو ته اسان جو مقصد پيداوار ۾ واڌ، روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ، غذائي تحفظ جي مضبوطي ۽ پائيدار جامع معاشي ترقيءَ کي يقيني بڻائڻ آهي. وفاقي وزير چيو ته ڪانفرنس ۾ 119 چين ۽ 191 پاڪستاني ڪمپنين شرڪت ڪئي، جيڪو نجي شعبي جي ڀرپور دلچسپيءَ جو اظهار آهي. هن چيو ته لکين ڊالرن جي ڳري سيڙپڪاري جو امڪان آهي ۽ 10 اهم شعبن ۾ ڪيترن ئي مفاهمتي يادداشتن تي صحيح ٿيڻ جو امڪان آهي، جن ۾ زراعت، فوڊ پروسيسنگ، لائيو اسٽاڪ، ماهيگيري، زرعي مشينري، تجديد جوڳي توانائي، لاجسٽڪس ٽيڪنالاجي ۽ ويليو ايڊڊ روانگي واپار شامل آهن.

مزید خبریں