اسلام آباد-19 جنوري (اي پي پي) صنعتن ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر چيو آهي ته عورتون ملڪي ترقيءَ ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿيون، سمنڊ پار پاڪستاني عورتون ناڻي واڌ حاصل ڪرڻ ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪن ته پاڪستان کي آءِ ايم ايف جهڙن پروگرامن جي ضرورت ئي پيش نه اچي. اهڙو اظهار هن هتي مقامي هوٽل ۾ رٿيل چوٿين آل پاڪستان وومين چيمبرز …
سمنڊ پار پاڪستاني عورتون ناڻي واڌ حاصل ڪرڻ ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪن ته پاڪستان کي آءِ ايم ايف جهڙن پروگرامن جي ضرورت ئي پيش نه ايندي: هارون اختر

مزید خبریں
اسلام آباد-19 جنوري (اي پي پي) صنعتن ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر چيو آهي ته عورتون ملڪي ترقيءَ ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿيون، سمنڊ پار پاڪستاني عورتون ناڻي واڌ حاصل ڪرڻ ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪن ته پاڪستان کي آءِ ايم ايف جهڙن پروگرامن جي ضرورت ئي پيش نه اچي. اهڙو اظهار هن هتي مقامي هوٽل ۾ رٿيل چوٿين آل پاڪستان وومين چيمبرز پريزيڊنٽس انٽرنيشنل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هارون اختر چيو ته عورتن جي صلاحيتن کي نکارڻ ۽ کين عملي ميدان ۾ استعمال ۾ آڻڻ جي اشد ضرورت آهي. ملڪي ترقيءَ ۾ عورتن جون معاشي سرگرمين ۾ شموليت اڻٽر آهي. هن ڪاروبار جي ميدان ۾ اڳتي وڌندڙ عورتن کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته اوهان جي منزل آسمان کي ڇُهڻ آهي، پنهنجي صلاحيتن کي وڌيڪ وڌايو، غربت کي رستي جي رڪاوٽ بڻجڻ نه ڏيو ۽ محنت لڳن سان پنهنجو ڪم ڪريو. هن چيو ته حڪومت عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ مختلف قدم کڻي رهي آهي ۽ عورتن جي معاشي شموليت کانسواءِ پائيدار ترقي ممڪن ناهي. تقريب کي يو بي جي جي سربراهه اعليٰ ايس ايم تنوير به وڊيو لِنڪ ذريعي خطاب ڪيو.











