ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو

اسلام آباد-19 جنوري (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ، جڏهن ته جابلو علائقن ۾ شديد ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي، مٿانهين خيبر پختونخواهه ۽ گلگت بلتستان ۾ موسم جزوي جهڙالي رهڻ کانسواءِ ڪجهه هنڌن تي هلڪي برسات/ هلڪي برفباري ٿي سگهي ٿي. ان دوران پنجاب ۽ مٿانهين سنڌ جي ميداني علائقن ۾ رات ۽ صبح جي …

اسلام آباد-19 جنوري (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ، جڏهن ته جابلو علائقن ۾ شديد ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي، مٿانهين خيبر پختونخواهه ۽ گلگت بلتستان ۾ موسم جزوي جهڙالي رهڻ کانسواءِ ڪجهه هنڌن تي هلڪي برسات/ هلڪي برفباري ٿي سگهي ٿي. ان دوران پنجاب ۽ مٿانهين سنڌ جي ميداني علائقن ۾ رات ۽ صبح جي وقت ۾ وچولي کان شديد ڪوهيڙو ڇانئيل رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ، جڏهن ته جابلو علائقن ۾ شديد ٿڌ ۽ جزوي جهڙالي رهي، جڏهن ته مٿانهين خيبر پختونخوا ۾ ڪجهه هنڌن تي هلڪي برسات/ هلڪي برفباري ٿي. پنجاب، مٿانهين سنڌ ۽ خيبر پختونخوا جي ڪجهه ميداني علائقن ۾ وچولي کان شديد ڪوهيڙو ڇانئيل رهيو. سومر ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ليه ۾ ڪاٽو 08، گوپس ۾ ڪاٽو 06، اسڪردو ۾ ڪاٽو 05، بگروٽ، پاراچنار ۽ ڪوئيٽا ۾ ڪاٽو 04 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

مزید خبریں