نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار جي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد- 19 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڳالهه ٻولهه دوران علائقائي صورتحال ۽ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي ڊيووس ۾ ملاقات …

اسلام آباد- 19 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڳالهه ٻولهه دوران علائقائي صورتحال ۽ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي ڊيووس ۾ ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.

مزید خبریں