اسلام آباد- 19 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف زراعت، آءِ ٽي ۽ مصنوعي ذهانت (اي آءِ) سميت مختلف شعبن ۾ چين جي ترقي کي مثالي قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان چين جي تجربن ۽ مهارت مان فائدو کڻي سالن ۾ نه مهينن ۾ ڪمال ڪري سگهي ٿو، نوجوان اسان جو مستقبل ۽ ايندڙ سڀاڻي جي اميد آهن، چين پاڪستان جو آزمايل دوست ۽ هر طرح جي …
پاڪستان چين جي تجربن ۽ مهارت مان فائدو کڻي سالن ۾ نه مهينن ۾ ڪمال ڪري سگهي ٿو، پاڪستان جي معيشت استحڪام کانپوءِ پائيدار ترقي طرف گامزن آهي: وزيراعظم شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد- 19 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف زراعت، آءِ ٽي ۽ مصنوعي ذهانت (اي آءِ) سميت مختلف شعبن ۾ چين جي ترقي کي مثالي قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان چين جي تجربن ۽ مهارت مان فائدو کڻي سالن ۾ نه مهينن ۾ ڪمال ڪري سگهي ٿو، نوجوان اسان جو مستقبل ۽ ايندڙ سڀاڻي جي اميد آهن، چين پاڪستان جو آزمايل دوست ۽ هر طرح جي تعاون جي لاءِ تيار آهي، پاڪستان جي معيشت استحڪام کانپوءِ پائيدار ترقي طرف گامزن آهي، سي پيڪ 2.0 کي حقيقت ۽ ڪاميابي ۾ بدلائينداسين، چين مان جديد زراعت جي تربيت حاصل ڪندڙ هڪ هزار زرعي گريجوئيٽس زرعي معيشت جي تقدير بدلائي سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ چين ايگري انويسٽمينٽ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي راڻا تنوير حسين، ڄام ڪمال، اويس لغاري، عطاءُ الله تارڙ، شزه فاطمه خواجه سميت وفاقي ۽ مملڪتي وزير، پاڪستان ۾ چين جو سفير جيانگ زائي ڊونگ، بيجنگ ۾ پاڪستان جو سفير خليل هاشمي، پاڪستاني ۽ چيني ڪمپنين جا نمائندا ۽ اعليٰ سرڪاري عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم زراعت کي پاڪستاني معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي قرار ڏيندي چيو ته ان ۾ وسيع موقعا موجود آهن، جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻي پيداوار وڌائڻي پوندي، ان سلسلي ۾ ڪجهه ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، گهڻو ڪجهه ڪرڻ اڃا باقي آهي، سائنسدانن ۽ زرعي ماهرن کي پاڻي جي بهترين استعمال، پوکيءَ جي جديد طريقن کي استعمال ۾ آڻڻو پوندو ۽ ويليو چين، ڪولڊ چين ۽ ويليو ايڊيشن کي يقيني بڻائڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته چين پاڪستان کي بهترين مهارتون ۽ ٽيڪنالاجي فراهم ڪري رهيو آهي، 2024ع ۽ 2025ع ۾ چين ۾ بي ٽو بي ۽ جي ٽو جي مفاهمتي يادداشتن جي مٽاسٽا ٿي، انهن ايم او يوز کي پاڪستان ۽ چين جا ڪاروباري ادارا گڏجي عملي معاهدن ۾ بدلائي رهيا آهن. وزيراعظم ٻڌايو ته هڪ هزار پاڪستاني زرعي گريجوئيٽس کي سڄي ملڪ مان ميرٽ تي چونڊي چين جي زرعي يونيورسٽين ۽ تحقيقاتي مرڪزن ۾ موڪليو جتي انهن بهترين معيار جي تربيت ۽ مهارتون حاصل ڪيون، اهي هتي اچي آبادگارن جي مدد ڪندا، انهن جي مهارتن ۽ صلاحيتن مان فائدو کڻي زرعي معيشت جي تقدير بدلائي سگهجي ٿي. هن چيني سفير جي تقرير کي ساراهيندي چيو ته زرعي ٽيڪنيڪ، آءِ ٽي ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ چين جي ترقي بي مثال آهي، پاڪستان ۽ چين جا دوستاڻا لاڳاپا سالن تي ٻڌل آهن ۽ هلندڙ سال اسان پنهنجي سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگرهه ملهائي رهيا آهيون. هن پاڪستاني آبادگارن، زرعي ادارن ۽ ماهرن تي زور ڏنو ته اهي اڳتي اچن، پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪن ۽ اهو ڪمال ڪري ڏيکارين جنهن جي پاڪستان جي زرعي معيشت کي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان جي نوجوانن ۾ اها صلاحيت موجود آهي ته اسان پنهنجي زرعي معيشت کي سالن ۾ نه مهينن ۾ بدلائي سگهون ٿا. هن ناڻي واڌ، پاليسي ريٽ ۾ نمايان گهٽتائي، روانگي واپار ۾ اضافي ۽ معاشي انگن اکرن ۾ بهتري جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان جي معيشت استحڪام کانپوءِ پائيدار ترقي طرف گامزن آهي، زراعت ۾ چين پاڪستان جي هر ممڪن مدد جي لاءِ تيار آهي، پاڪستان چينين جو ۽ چين پاڪستانين جو ٻيو گهر آهي، ٻنهي ملڪن جي دوستي فولاد کان مضبوط ۽ ماکيءَ کان وڌيڪ مٺيءَ آهي، چيني صدر هڪ ويزنري ليڊر آهي جيڪو نه رڳو چين جي ترقي پر گهڻ رخي لاڳاپن ۽ گڏيل تقدير تي يقين رکي ٿو. وزيراعظم چيو ته هو سي پيڪ 2.0 کي حقيقت ۽ ڪاميابي ۾ بدلائڻ جو منتظر آهي. وزيراعظم پاڪستان ۾ نوجوانن جي وڏي آبادي کي هڪ چئلينج سان گڏوگڏ هڪ وڏو موقعو قرار ڏيندي چيو ته انهن نوجوانن ۾ وڏيون صلاحيتون موجود آهن، انهن کي زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت سميت جديد مهارتن سان ليس ڪري رهيا آهيون، نوجوان اسان جو مستقبل ۽ ايندڙ سڀاڻي جي اميد آهن، جيڪڏهن انهن جون صلاحيتون استعمال ۾ آنديون وڃن ته معيشت کي سالن ۾ نه مهينن ۾ بدلائي سگهون ٿا. ان کان اڳ چين جي سفير جيانگ زائي ڊونگ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان چين زرعي سيڙپڪاري ڪانفرنس ۾ شرڪت سندس لاءِ خوشي جوڳي آهي، زرعي تعاون تي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ گڏ ٿيڻ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته عالمي اقتصادي ترقي ۾ اسان جو حصو اٽڪل 30 سيڪڙو آهي، چين دنيا جي ٻين ملڪن جي لاءِ نوان موقعا فراهم ڪيا آهن. هن وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ معيشت جي گذريل سال 3 سيڪڙو کان وڌيڪ ترقي کي ساراهيندي چيو ته مالي سال 2026ع جي پهرين ٽه ماهي ۾ اها شرح 3.71 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، ڪيترن ئي اهم معاشي انگن اکرن ۾ بهتري آئي آهي، مهانگائي جي شرح 4 سيڪڙو تي برقرار، عوام جي زندگي جو معيار بهتر ٿيو آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس 2.1 ارب آمريڪي ڊالر تائين پهچي ويو آهي، پاڪستان جا پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 21.2 ارب آمريڪي ڊالر ٿي ويا آهن جنهن تي آئون وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ڀائر پاڪستاني عوام کي دلي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن ٻڌايو ته 2026ع ۾ چين 15هون 5 سالا منصوبو تيار ۽ ان تي عملدرآمد ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم جي چين جي دوري دوران طئي ٿيندڙ فيصلن تي عملدرآمد کي تيز ڪنداسين، صدر شي جن پنگ، پاڪستان جي صدر ۽ وزيراعظم جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ اهم اتفاق راءِ تي مڪمل عملدرآمد ڪنداسين، ترقياتي منصوبن ۽ ٻطرفي ايڪشن پلانز جي وچ ۾ هم آهنگي کي وڌيڪ سگهه ملندي. هن سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگرهه جي موقعي تي لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته سيڪيورٽي تعاون ۽ حفاظتي انتظامن کي پڻ مضبوط بڻائينداسين، دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي ثابت قدم جدوجهد جي حمايت جاري رکنداسين. هن زرعي شعبي ۾ تعاون کي ترجيح قرار ڏيندي چيو ته اسان جو هدف ٻطرفي زرعي واپار کي هڪ ارب آمريڪي ڊالر تائين وٺي وڃڻ آهي، چين سان زرعي مصنوعات ۾ پاڪستان جي واپاري سرپلس کي برقرار رکڻ آهي، جديد زراعت ۾ تعاون کي سگهه ڏينداسين، چين جي زرعي ٽيلنٽس ٽريننگ پروگرام کي بطور معاون ذريعو استعمال ڪنداسين، پاڪستان جي ٽيڪنالاجي تي ٻڌل زرعي ترقي جي رخ سان هم آهنگي پيدا ڪنداسين، فصل جي پيداوار ۾ ا ضافي، ٽيڪنالاجي جي استعمال کي وڌائينداسين. تقريب ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ لاڳاپن جي حوالي سان دستاويزي فلم پڻ ڏيکاري وئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي واپاري، سفارتي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جي مختلف رخن جو احاطو ڪيو ويو.











