اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٽن مستقل ججن جي حلف برداري، التوا هيٺ ڪيسن ۾ گهٽتائي ايندي: سينيٽر اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد-19 جنوري (اي پي پي) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ مستقل طور مقرر ٿيل ٽن ججن جسٽس محمد آصف، جسٽس محمد اعظم خان ۽ جسٽس انعام امين منهاس پنهنجي عهدن جو حلف کڻي ورتو. ان سلسلي ۾ حلف برداري تقريب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ عدليه، حڪومت ۽ وڪيل برادري جي اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس سردار …

اسلام آباد-19 جنوري (اي پي پي) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ مستقل طور مقرر ٿيل ٽن ججن جسٽس محمد آصف، جسٽس محمد اعظم خان ۽ جسٽس انعام امين منهاس پنهنجي عهدن جو حلف کڻي ورتو. ان سلسلي ۾ حلف برداري تقريب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ عدليه، حڪومت ۽ وڪيل برادري جي اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس سردار محمد سرفراز ڊوگر ٽنهي ججن کان عهدن جو حلف ورتو. تقريب جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿي جنهن کان پوءِ قومي ترانو پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار، قانون ۽ انصاف واري وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن پڙهي ٻڌايو جنهن ۾ صدر مملڪت جي منظوري سان 3 ججن جي مستقل مقرري جو اعلان ڪيو ويو. حلف برداري واري تقريب ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سينئر ججن، ڊسٽرڪٽ اينڊ ڪورٽس جي ججن، عدالتي آفيسرن ۽ وڪيلن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو صدر واجد گيلاني ۽ سيڪريٽري منظور ججه به تقريب ۾ موجود هئا. وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته عدليه ۾ مستقل ججز جي مقرري سان التويٰ هيٺ ڪيسن جي بار ۾ گهٽتائي ايندي ۽ عوام کي وقت سر انصاف جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي. هن ٽنهي ججن لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار پڻ ڪيو. واضح رهي ته جسٽس محمد آصف، جسٽس محمد اعظم خان ۽ جسٽس انعام امين منهاس، ان کان اڳ تقريب هڪ سال تائين اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ جج جي حيثيت سان خدمتون انجام ڏئي چڪا آهن.

مزید خبریں