اسلام آباد- 19 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سينيئر صحافي شهباز راڻا جي عيادت ڪئي ۽ سندس جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته شهباز راڻا سينيئر ۽ معتبر صحافي آهي جنهن صحافت جي شعبي ۾ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. هن چيو ته صحافي معاشري جي اک ۽ آواز هوندا آهن، انهن …
اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاران سينيئر صحافي شهباز راڻا جي عيادت، جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد- 19 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سينيئر صحافي شهباز راڻا جي عيادت ڪئي ۽ سندس جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته شهباز راڻا سينيئر ۽ معتبر صحافي آهي جنهن صحافت جي شعبي ۾ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. هن چيو ته صحافي معاشري جي اک ۽ آواز هوندا آهن، انهن سان گڏ بيهڻ حڪومت جي ذميواري آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ شهباز راڻا جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن پڻ موجود هو.











