پاڪ فضائيه جو جٿو گهڻ ملڪي جنگي مشقن ۾ شرڪت لاءِ سعودي عرب پهچي ويو

اسلام آباد -19 جنوري (اي پي پي) پاڪ فضائيه جو فوجي جٿو ملٽي نيشنل فضائي جنگي مشق اسپيئرز آف وڪٽري 2026ع ۾ شرڪت لاءِ سعودي عرب پهچي ويو. ايف-16 بلاڪ 52 جنگي جهازن تي ٻڌل پاڪ فضائيه جو جٿو فضائي ۽ زميني عملي سان گڏ، ڪنگ عبدالعزيز ايئر بيس پهچي ويو. پاڪ فضائيه جي ترجمان  موجب ان مشق ۾ سعودي عرب، پاڪستان، فرانس، اٽلي، يونان، قطر، بحرين، اردن، برطانيه ۽ آمريڪا …

اسلام آباد -19 جنوري (اي پي پي) پاڪ فضائيه جو فوجي جٿو ملٽي نيشنل فضائي جنگي مشق اسپيئرز آف وڪٽري 2026ع ۾ شرڪت لاءِ سعودي عرب پهچي ويو. ايف-16 بلاڪ 52 جنگي جهازن تي ٻڌل پاڪ فضائيه جو جٿو فضائي ۽ زميني عملي سان گڏ، ڪنگ عبدالعزيز ايئر بيس پهچي ويو. پاڪ فضائيه جي ترجمان  موجب ان مشق ۾ سعودي عرب، پاڪستان، فرانس، اٽلي، يونان، قطر، بحرين، اردن، برطانيه ۽ آمريڪا جي فضائي فوج حصو وٺي رهي آهي. اها مشق فضائي فوجن وچ ۾ گڏيل هم آهنگي، عملي ڀائيواري، پيشيواراڻي بيصرت ۽ صلاحيت ۾ اضافي لاءِ هڪ مضبوط پليٽ فارم فراهم ڪري ٿي جيڪا وڏي فضائي طاقت جي مقرري، رات جي وقت ۾ ايئر آپريشنز، مربوط آءِ ايس آر ۽ جديد اليڪٽرانڪ وار فيئر  ماحول ۾ ڪارروائين جي حوالي سان اهميت کي اجاگر ڪري ٿي. ان عالمي فورم ۾ شرڪت ذريعي پاڪ فضائيه مشقن ۾ شريڪ ٻين فضائي فوجن سان گڏيل هم آهنگي کي هٿي وٺائڻ سان گڏوگڏ ٽيڪنالاجي سان ڀرپور جنگي ماحول ۾ پنهنجي عملي تياري جي جاچ ڪري سگهندي. ان عالمي مقرري لاءِ پي اي ايف جي جنگي جهازن پاڪستان مان سعودي عرب تائين مسلسل اڏام ڪئي جيڪو پاڪ فضائيه جي ڊگهي مفاصلي تائين عملي پهچ ۽ جنگي صلاحيتن جو مظهر آهي.  مشق دوران، جديد ايويونڪس ۽ بي وي آر رينج صلاحيتن سان ليس ايف 16- بلاڪ 52  جهاز اڏائيندڙ پاڪ فضائيه جا پائليٽ شريڪ فضائي فوجن جي هوابازن سان مقابلو ڪندا جيڪي مختلف جديد جنگي جهاز آپريٽ ڪري رهيا آهن. اسپيئرز آف وڪٽري 2026ع ۾ پاڪ فضائيه جي شرڪت نه رڳو علائقائي ۽ عالمي عسڪري سهڪار لاءِ پي اي ايف جي پختي عزم جي عڪاسي آهي پر انهن جي پيشيواراڻي مهارت ۽ مختلف قسم جي آزمائشي ماحول ۾ صف اول جي هم عصر فضائي فوجن سان برابر اثرائتي انداز ۾ ڪم ڪرڻ جي ثابت ٿيل صلاحيت کي به اجاگر ڪري ٿي.

مزید خبریں