اسلام آباد - 18 جنوري (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري ڪراچي ۾ گل پلازه ۾ باهه لڳڻ واري افسوسناڪ واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر مملڪت قيمتي انساني جانين جي نقصان تي تعزيت ۽ پونئيرن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو آهي. صدر مملڪت چيو ته سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارا متاثر ماڻهن …
صدر مملڪت آصف علي زرداري پاران ڪراچي ۾ گل پلازه ۾ باهه لڳڻ واري واقعي تي افسوس جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 جنوري (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري ڪراچي ۾ گل پلازه ۾ باهه لڳڻ واري افسوسناڪ واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر مملڪت قيمتي انساني جانين جي نقصان تي تعزيت ۽ پونئيرن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو آهي. صدر مملڪت چيو ته سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارا متاثر ماڻهن ۽ واپارين کي فوري ۽ هر ممڪن امداد فراهم ڪن. صدر آصف علي زرداري چيو ته زخمين کي بهترين طبي سهولتن جي فراهمي ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏڻ گهرجي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ زخمين کي جلد صحت ڪامله ۽ متاثر خاندانن کي صبر عطا فرمائي.











