اسلام آباد- 18 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪراچي ۾ گل پلازه ۾ باهه لڳڻ جي واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته فوتين جي وارثن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان مطابق وزيراعظم عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ سمورا قدم کڻڻ ۽ متاثر واپارين ۽ ٻين ماڻهن کي هر ممڪن امداد فراهم …
وزيراعظم شهباز شريف پاران ڪراچي ۾ گل پلازه ۾ باهه لڳڻ جي واقعي تي افسوس جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد- 18 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪراچي ۾ گل پلازه ۾ باهه لڳڻ جي واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته فوتين جي وارثن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان مطابق وزيراعظم عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ سمورا قدم کڻڻ ۽ متاثر واپارين ۽ ٻين ماڻهن کي هر ممڪن امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن ريسڪيو آپريشن ۾ سمورن لاڳاپيل ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي هدايت به ڪئي. وزيراعظم زخمين کي سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ۽ سندن جلدي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.











