اسلام آباد- 17 جنوري (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. تفصيل مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 17 ھزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 17 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 9 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 9 هزار 300 ڪيوسڪ آھي. خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد 15 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 15 هزار 400 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 3 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 100 ڪيوسڪ آھي جڏھن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 5 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 5 …
ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگن اکر جاري

مزید خبریں
اسلام آباد- 17 جنوري (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. تفصيل مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 17 ھزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 17 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 9 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 9 هزار 300 ڪيوسڪ آھي. خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد 15 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 15 هزار 400 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 3 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 100 ڪيوسڪ آھي جڏھن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 5 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 5 ھزار 700 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن جي انگن اکرن مطابق ڊيمن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1492.00 فٽ، ريزروائر ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1550 فٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 2.747 ملين ايڪڙ فٽ، منگلا ۾ گھٽ ۾ گھٽ آپريٽنگ ليول 1050 فٽ، ريزروائر ۾ موجوده سطح 1200.75 فٽ، ريزروائر ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1242 فٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 4.299 ملين ايڪڙ فٽ جڏھن ته چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فٽ، ريزروائر ۾ پاڻي جي موجوده سطح 646.80 فٽ، ريزروائر ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 649 فٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.204 ملين ايڪڙ فٽ رڪارڊ ڪيو ويو.











