وزيراعظم شهباز شريف پاران خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار

اسلام آباد- 16 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي فرمانروا ۽ خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته کيس انهن اطلاعن تي گهري ڳڻتي آهي ته خادم الحرمين الشريفين ۽ سعودي عرب جو فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود طبي معائنن …

اسلام آباد- 16 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي فرمانروا ۽ خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته کيس انهن اطلاعن تي گهري ڳڻتي آهي ته خادم الحرمين الشريفين ۽ سعودي عرب جو فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود طبي معائنن جي لاءِ اسپتال ۾ داخل آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي عوام شاهه سلمان کي انتهائي قدر ۽ احترام جي نگاهه سان ڏسي ٿي، اسان پنهنجي سعودي ڀائرن وانگر سندس جلد ۽ مڪمل صحتيابي ۽ مسلسل قيادت جي لاءِ دعاڳو آهيون.

مزید خبریں