ناڻي واري وفاقي وزير سان آمريڪي ناظم الامور نيٽلي بيڪر جي ملاقات

اسلام آباد-16 جنوري (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان پاڪستان ۾ آمريڪي ناظم الامور نيٽلي بيڪر ملاقات ڪئي. ناڻي واري وزارت مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ آمريڪي ناظم الامور پاڪستان ۾ معاشي استحڪام ۽ اقتصادي بهتريءَ لاءِ قدمن جي ساراهه ڪئي. هن پاڪستان ۾ سڌارن جي عمل ۽ ڪلي معيشت جي استحڪام جي ايجنڊا کي ساراهيو. پاڪستان سان واپار ۽ سيڙپڪاري کي …

اسلام آباد-16 جنوري (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان پاڪستان ۾ آمريڪي ناظم الامور نيٽلي بيڪر ملاقات ڪئي. ناڻي واري وزارت مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ آمريڪي ناظم الامور پاڪستان ۾ معاشي استحڪام ۽ اقتصادي بهتريءَ لاءِ قدمن جي ساراهه ڪئي. هن پاڪستان ۾ سڌارن جي عمل ۽ ڪلي معيشت جي استحڪام جي ايجنڊا کي ساراهيو. پاڪستان سان واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ آمريڪا طرفان مڪمل حمايت جي عزم کي ورجايو ويو. ناڻي واري وزير پاڪستان ۽ آمريڪي ڪمپني لبرٽي فنانشل وچ ۾ ڪرپٽو ڪرنسي تعاون جي معاهدي جي آجيان ڪئي. نيٽلي بيڪر پاڪستان سان واپاري ۽ سيڙپڪاريءَ لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي خواهش جو به اظهار ڪيو. ناڻي واري وزير معاشي سڌارن جي تسلسل ۽ سيڙپڪار دوست ماحول جي قيام لاءِ حڪومت جي عزم کي ورجايو.

مزید خبریں