پاڪستان جاپان پرائيويٽ سيڪٽر بزنس جو ڏهون ڊائلاگ ٽوڪيو ۾ منعقد

ٽوڪيو-15 جنوري (اي پي پي)پاڪستان- جاپان پرائيويٽ بزنس سيڪٽر جو ڏهون ڊائلاگ ٽوڪيو ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري اڳواڻن، ادارن ۽ سيڙپڪارن شرڪت ڪئي. ڳالهين جي گڏيل صدارت پاڪستان- جاپان بزنس فورم (پي جي بي ايف) جي چيئرمين مرتضيٰ مانڊوي والا ۽ پاڪستان- جاپان بزنس ڪوآپريشن ڪميٽي (جي پي بي سي سي) جي چيئرمين اڪيراتر ڪاوا ڪئي. 26 رڪني پي جي بي ايف جي ڪاروباري وفد …

ٽوڪيو-15 جنوري (اي پي پي)پاڪستان- جاپان پرائيويٽ بزنس سيڪٽر جو ڏهون ڊائلاگ ٽوڪيو ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري اڳواڻن، ادارن ۽ سيڙپڪارن شرڪت ڪئي. ڳالهين جي گڏيل صدارت پاڪستان- جاپان بزنس فورم (پي جي بي ايف) جي چيئرمين مرتضيٰ مانڊوي والا ۽ پاڪستان- جاپان بزنس ڪوآپريشن ڪميٽي (جي پي بي سي سي) جي چيئرمين اڪيراتر ڪاوا ڪئي. 26 رڪني پي جي بي ايف جي ڪاروباري وفد ڊائلاگ ۾ شرڪت ڪئي. جاپان ۾ پاڪستان جي سفير عبدالحميد شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار ڪيو ۽ ٻه طرفن ڪاروباري لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ اعتماد، تسلسل ۽ عملي تعاون جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو. تقريب کي واپار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار رانا احسان افضل خطاب ڪيو. هن پاڪستان جي واپارين ۽ سيڙپڪارن کي فراهم ڪيل سهولتن، تعاون ۽ گڏيل ويليو چينز طرف وڌندڙ سهڪار تي روشني وڌي. ڊائلاگ ۾ اهم شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ۽ عملي مٽاسٽا کي فعال ڪرڻ ۽ ڊگهي مُدي جي ڪاروباري تعاون کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

مزید خبریں