ڪي پي ڪي جي گورنر جي سعودي سفير سان ملاقات

اسلام آباد-15 جنوري (اي پي پي)خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي پاڪستان ۾ مقرر سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن سميت ڪي پي ڪي ۾ امن امان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر آفيس جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب گورنر سعودي سفير سان ضلعي خيبر مان لڏپلاڻ ڪندڙ متاثرن لاءِ سعودي امداد جي فراهميءَ …

اسلام آباد-15 جنوري (اي پي پي)خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي پاڪستان ۾ مقرر سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن سميت ڪي پي ڪي ۾ امن امان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر آفيس جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب گورنر سعودي سفير سان ضلعي خيبر مان لڏپلاڻ ڪندڙ متاثرن لاءِ سعودي امداد جي فراهميءَ تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي. سفير ڪنگ سلمان رليف سينٽر طرفان خيبر ضلعي جي آءِ ڊي پيز لاءِ امدادي سامان جي فراهمي جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته سعودي حڪومت هميشه پاڪستان سان پنهنجن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. سفير گورنر سان ڊي آءِ خان سميت ڪي پي ڪي ۾ دهشتگرديءَ جي هاڻوڪن واقعن ۾ شهادتن تي تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي گورنر چيو ته ڪي پي ڪي سميت پاڪستان جي عوام جو سعودي عرب سان گهري وابستگي ۽ دلي احترام جو رشتو آهي. سعودي عرب هميشه مشڪل وقت ۾ پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام جي دل کولي امداد ڪئي.

مزید خبریں