منامه - 15 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته بحرين سان اقتصادي تعاون، سيڙپڪاري، حصيداري ۽ اداراجاتي رابطن جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهيون، بحرين جي سيڙپڪار دوست معيشت ڪاميابي سان بدلجندڙ عالمي ماحول ۾ قابل تقليد مثال آهي، پاڪستان جي استحڪام، ڊيجيٽلائيزيشن ۽ سيڙپڪاري تي ٻڌل معيشت ترقي جي راهه تي گامزن آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ زراعت، غذائي تحفظ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ …
بحرين سان اقتصادي تعاون، سيڙپڪاري، حصيداري ۽ اداراجاتي رابطن جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهيون: صدر آصف علي زرداري

مزید خبریں
منامه – 15 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته بحرين سان اقتصادي تعاون، سيڙپڪاري، حصيداري ۽ اداراجاتي رابطن جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهيون، بحرين جي سيڙپڪار دوست معيشت ڪاميابي سان بدلجندڙ عالمي ماحول ۾ قابل تقليد مثال آهي، پاڪستان جي استحڪام، ڊيجيٽلائيزيشن ۽ سيڙپڪاري تي ٻڌل معيشت ترقي جي راهه تي گامزن آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ زراعت، غذائي تحفظ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ڊيجيٽل خدمتن، قابل تجديد توانائي ۽ لاجسٽڪس سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي وسيع گنجائش موجود آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار بحرين جي اڪنامڪ ڊيولپمينٽ بورڊ پاران ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر بحرين جي فرمانروا شاهه حمد بن عيسيٰ الخليفه ۽ ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده سلمان بن حمد الخليفه جو شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي ۽ شاهه حمد بن عيسيٰ الخليفه پاران شيخ عيسيٰ ايوارڊ ڏيڻ تي ٿورو مڃيندي ان کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهري ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل احترام جي عڪاسي قرار ڏنو. هن چيو ته هي آجياڻو پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ ويجهي ۽ پراڻي دوستي جو مظهر آهي. هن اڪنامڪ ڊيولپمينٽ بورڊ جي واضح اسٽريٽجڪ ويزن ۽ اداراجاتي مضبوطي کي ساراهيندي چيو ته بحرين جي سيڙپڪار دوست معيشت ڪاميابي سان بدلجندڙ عالمي ماحول ۾ قابل تقليد مثال آهي. بحرين جي ناڻي واري وزير اقتصادي ترقي تي بريفنگ ڏيڻ شروع ڪئي ته صدر منامه طرف اشارو ڪندي چيو ته ترقي ان جي آڏو واضح طور تي نظر اچي رهي آهي ۽ ڪنهن وضاحت جي محتاج نه آهي. صدر چيو ته اڪنامڪ ڊيولپمينٽ بورڊ بحرين جي اقتصادي حڪمت عملي جي جوڙجڪ، غيرملڪي سيڙپڪاري جي فروغ ۽ اهم شعبن ۾ واڌويجهه جي عمل ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته سرڪاري ادارن ۽ نجي شعبي سان ويجهي رابطاڪاري جي ڪري بحرين چٽاڀيٽي ۾ اضافي، جدت جي فروغ ۽ سيڙپڪارن جي لاءِ قابل اعتماد ۽ سازگار ماحول پيدا ڪيو آهي. هن چيو ته پاليسي هم آهنگي ۽ سيڙپڪارن جي سهولت جي لاءِ اي ڊي بي ماڊل پائيدار ۽ جامع ترقي جي خواهشمند ملڪن جي لاءِ هڪ مثال آهي. هن چيو ته پاڪستان بحرين جي ترقياتي سفر کي تحسين جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط هم آهنگي موجود آهي. هن پاڪستان ۾ جاري اقتصادي سڌارن جو ذڪر ڪندي چيو ته ملڪ جي استحڪام، ڊيجيٽلائيزيشن ۽ سيڙپڪاري تي ٻڌل معيشت ترقي جي راهه تي گامزن آهي. هن اسپيشل انويسٽمينٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل کي سيڙپڪارن جي لاءِ هڪ ٺوس پليٽ فارم قرار ڏنو جنهن تحت زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، توانائي، معدنيات، لاجسٽڪس ۽ سياحت تي ڌيان ڏنو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ زراعت، غذائي تحفظ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ڊيجيٽل خدمتن، قابل تجديد توانائي ۽ لاجسٽڪس سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي وسيع گنجائش موجود آهي. هن پاڪستان جي اسٽريٽجڪ جاگرافيائي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته اها ڏکڻ ايشيا، وچ ايشيا، چين ۽ وچ اوڀر کي گڏائي ٿي ۽ بحرين جي مالي مهارت ۽ ريگيوليٽري فريم ورڪ جي تڪميل ڪري ٿي. هن علائقائي سلامتي جي چئلينجز ۽ ترقي تي ان جي اثرن جو ذڪر ڪندي چيو ته انتهاپسندي جي خلاف موثر قدمن، داخلي سلامتي جي استحڪام ۽ پاڙيسري ملڪن سان پرامن لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهيون. هن سيڙپڪاري جي تحفظ ۽ گڏيل مفاد تي ٻڌل حصيدارين جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ٻطرفي اقتصادي تعاون جي فروغ ۾ بحرين جي قيادت ۽ اڪنامڪ ڊيولپمينٽ بورڊ جي ڪردار تي ان جا ٿورا ادا ڪيا.











