ڪوئيٽا-15 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي ڪوئيٽا ۾ شهيد ميجر انور ڪاڪڙ جي رهائشگاهه جو دورو ڪيو، ٻنهي اڳواڻن شهيد جي والده، ڀائرن ۽ معصوم پٽن سان ملاقات ڪئي ۽ ”فتنه الهندستان“ جي بزدلاڻي حملي ۾ شهيد ٿيل بهادر پٽ جي عظيم قرباني کي زبردست لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير، …
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي پاران شهيد ميجر انور ڪاڪڙ جي گهر جو دورو، وارثن سان تعزيت، عظيم قرباني تي خراج عقيدت پيش

مزید خبریں
ڪوئيٽا-15 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي ڪوئيٽا ۾ شهيد ميجر انور ڪاڪڙ جي رهائشگاهه جو دورو ڪيو، ٻنهي اڳواڻن شهيد جي والده، ڀائرن ۽ معصوم پٽن سان ملاقات ڪئي ۽ ”فتنه الهندستان“ جي بزدلاڻي حملي ۾ شهيد ٿيل بهادر پٽ جي عظيم قرباني کي زبردست لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير، بلوچستان جو چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پوليس بلوچستان به ساڻس گڏ هئا. محسن نقوي ۽ مير سرفراز بگٽي شهيد جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ سوڳوارن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. ملاقات دوران شهيد ميجر انور ڪاڪڙ جي والده جي بلند حوصلي سڀني جون دليون کٽي ورتيون. هن فخر سان چيو ته منهنجو پٽ شينهن هو جيڪو وطن تان قربان ٿي ويو. باقي منهنجا ٻه پٽ به ملڪ لاءِ حاضر آهن. گهرو وزير محسن نقوي شهيد جي ٻي پٽ جي به ايچي سن ڪاليج ۾ داخلا ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ۽ ٻارن کي پيار ۽ دلاسو ڏنو. وڏي وزير سرفراز بگٽي شهيد جي ڀاءُ کي سرڪاري ملازمت ڏيڻ جو اعلان ڪيو. وڏي وزير اعلان ڪيو ته ڪوئيٽا جي هڪ اسڪول کي شهيد ميجر انور ڪاڪڙ جي نالي سان منسوب ڪيو ويندو. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي شهيد جي والده کي مخاطب ڪندي چيو ته اوهان پاڪستان جي بهادر پٽ جي باهمٿ والده آهيو ۽ پوري قوم کي اوهان تي فخر آهي، اوهان جو عزم ئي اسان جي اصل قوت آهي، شهيد جو رت وطن جي تحفظ جي ضمانت آهي ۽ ميجر انور ڪاڪڙ جهڙا سپوت اسان جي سر جو تاج آهن. بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو ته ميجر انور ڪاڪڙ وطن لاءِ قيمتي حياتي نڇاور ڪري شهادت جو بلند رتبو ماڻيو. هن واضح ڪيو ته قوم پنهنجي هيروز جي قربانين کي ڪڏهن نه وساريندي ۽ ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردي خلاف جنگ جاري رهندي. واضح رهي ته ميجر انور ڪاڪڙ ڪجهه عرصو اڳ ڪوئيٽا ۾ بزدلاڻي ڌماڪي دوران وطن جي دفاع ۾ شهيد ٿيو هو.











