اسلام آباد-15 جنوري (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 3700 رپين جي گهٽتائيءَ سان في تولو 4 لک 82462 رپيا ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ڪالهه سون جي في تولي جي قيمت ۾ 3700 رپين جي گهٽتائيءَ کان پوءِ في تولو 4 لک 82462 رپيا ٿي ويو. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت 3173 رپيا گهٽتائيءَ کان پوءِ 4 لک 16805 …
سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 3700 رپين جي گهٽتائي رڪارڊ، في تولو 4 لک 82462 رپيا ٿي ويو

مزید خبریں
اسلام آباد-15 جنوري (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 3700 رپين جي گهٽتائيءَ سان في تولو 4 لک 82462 رپيا ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ڪالهه سون جي في تولي جي قيمت ۾ 3700 رپين جي گهٽتائيءَ کان پوءِ في تولو 4 لک 82462 رپيا ٿي ويو. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت 3173 رپيا گهٽتائيءَ کان پوءِ 4 لک 16805 رپين مان گهٽ ٿي 4 لک 13633 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 82085 رپين مان گهٽ ٿي 3 لک 79177 رپيا ٿي وئي.











