اسلام آباد - 15 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان آسان خدمت مرڪز اسلام آباد جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ آيل آذربائيجان جي وفد ملاقات ڪئي ۽ بطور خادم پنجاب ۽ هاڻي بطور وزيراعظم ملڪ ۾ سڌارن جي لاڳو ۽ نظام ۾ جدت آڻڻ تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ آذربائيجان جي پبلڪ …
وزيراعظم شهباز شريف سان آذربائيجان جي وفد جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 15 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان آسان خدمت مرڪز اسلام آباد جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ آيل آذربائيجان جي وفد ملاقات ڪئي ۽ بطور خادم پنجاب ۽ هاڻي بطور وزيراعظم ملڪ ۾ سڌارن جي لاڳو ۽ نظام ۾ جدت آڻڻ تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ آذربائيجان جي پبلڪ سروس ۽ سوشل سروس جو چيئرمين علوي مهدئيو، آذربائيجان جو پاڪستان ۾ سفير خضر فرهادوف، وفاقي وزير احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، شزه فاطمه خواجه ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ موجود هئا. وزيراعظم آذربائيجان جي پبلڪ سروس ۽ سوشل سروس جي چيئرمين علوي مهدئيو جي پاڪستان جي دوري ۽ اسلام آباد ۾ آسان خدمت مرڪز جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت جي آجيان ڪئي. ملاقات ۾ اسلام آباد ۾ پاڪستان جي پهرين آسان خدمت مرڪز بابت بريفنگ ڏني وئي. ملاقات ۾ ٻڌايو ويو ته شهرين جي سهولت لاءِ سيڪٽر جي – 9 ۾ قائم پهرين خدمت سينٽر جي جلد توسيع ڪئي ويندي، آذربائيجان جي حڪومت سڄي پاڪستان ۾ آسان خدمت مرڪز قائم ڪرڻ ۾ پاڪستان جي ڀرپور معاونت ڪندي، آسان خدمت مرڪزن ۾ شفافيت جي لاءِ نه رڳو انٽرنل آڊٽ پر ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن پڻ يقيني بڻائي ويندي. آذربائيجان جي سفير ملاقات ۾ ٻڌايو ته اسلام آباد ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ هفتيوار ٽن اڏامن کانسواءِ مارچ ۾ وڌيڪ هڪ اڏام جو اضافو ڪيو پيو وڃي جنهن سان ٻنهي ملڪن جي چ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. وزيراعظم آذربائيجان جي ان قدم جي آجيان ڪئي. وزيراعظم چيو ته سڄي ملڪ ۾ وفاقي حڪومت جي خدمتن کي هڪ ڇت هيٺ فراهم ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ آسان خدمت مرڪز ٺاهيا ويندا، آذربائيجان جي صدر الهام عليوف ۽ حڪومت جي معاونت تي ٿورائتا آهيون، پاڪستان ۾ حڪومتي خدمتن جي ايڪو سسٽم کي بدلائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته ايندڙ مرحلي ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ آسان خدمت مرڪز ٺاهيا ويندا، آذربائيجان حڪومت اسلام آباد ۾ پاڪستان جي پهرين آسان خدمت مرڪز قائم ڪرڻ ۾ ڀرپور معاونت ڪئي جنهن تي انهن جا ٿورائتا آهيون. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي خدمت مرڪزن ۾ باقاعده ڪارڪردگي جا هدف طئي ڪري هر ٽن مهينن ۾ ٿرڊ پارٽي پرفارمنس آڊٽ ڪرائي ويندي، آسان خدمت مرڪزن ۾ خدمتون عالمي معيار موجب فراهم ڪيون وينديون. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته آسان خدمت مرڪزن ۾ مجموعي طور تي حڪومتي خدمتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاءِ جامع منصوباسازي ڪئي وڃي. ايندڙ مرحلي ۾ گلگت ۽ مظفرآباد ۽ پوءِ پوري پاڪستان ۾ خدمت مرڪز قائم ڪرڻ جي لاءِ مدو مقرر ڪري ڪم شروع ڪيو ويندو، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي سهولت لاءِ پاڪستاني سفارتخانن ۾ آسان خدمت مرڪزن جا ڪائونٽر ٺاهيا وڃن.











