پي ٽي وي جي سمورن ملازمن کي پگهارن ۽ پينشن جون رهتون ادا ڪيون ويون آهن، هن وقت اداري تي ڪنهن به قسم جي واجب الادا رقم نه آهي: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد - 15 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پي ٽي وي جي سمورن ملازمن کي پگهارن ۽ پينشن جون رهتون ادا ڪيون ويون آهن، هن وقت اداري تي ڪنهن به قسم جي واجب الادا رقم نه آهي، پي ٽي وي ۾ پگهارن جي عدم ادائيگي بابت افواهون بي بنياد آهن، پي ٽي وي ۾ اينڪرز کي ميرٽ تي …

اسلام آباد – 15 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پي ٽي وي جي سمورن ملازمن کي پگهارن ۽ پينشن جون رهتون ادا ڪيون ويون آهن، هن وقت اداري تي ڪنهن به قسم جي واجب الادا رقم نه آهي، پي ٽي وي ۾ پگهارن جي عدم ادائيگي بابت افواهون بي بنياد آهن، پي ٽي وي ۾ اينڪرز کي ميرٽ تي رکيو ويو، اينڪرز جي ڀرتي ۾ ڪنهن به قسم جي سفارش نه آهي، ان بابت زيرو ٽالرنس پاليسي تي عمل ڪيو پيو وڃي. هو پارليامينٽ هائوس ۾ ڪميٽي جي ڪنوينر نديم عباس جي صدارت ۾ قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائي رهيو هو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ پاڪستان ٽيليويزن جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پي ٽي وي جي مالي ۽ انتظامي صورتحال، انساني وسيلن ۽ اداراجاتي سڌارن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اطلاعات واري وفاقي وزير ڪميٽي کي ٻڌايو ته پي ٽي وي جي سمورن ملازمن کي پگهارن ۽ پينشن جون رهتون ادا ڪيون ويون آهن، هن وقت اداري تي ڪنهن به قسم جي ڪا واجب الادا رقم نه آهي. هن چيو ته بجلي جي بلن مان پي ٽي وي فيس جي خاتمي کانپوءِ مختلف سوال اٿاريا ويا، اهو تاثر صحيح نه آهي ته پي ٽي وي فيس جي خاتمي کانپوءِ ادارو نه هلي سگهندو. هن چيو ته وزارت وٽ فنڊز موجود آهن، پي ٽي وي ۾ پگهارن جي عدم ادائيگي بابت افواهون بي بنياد آهن. هن چيو ته پي ٽي وي ۾ اينڪرز جي ڀرتين جي حوالي سان اسان جو واضح موقف آهي، موجوده دور ۾ جن اينڪرز کي رکيو ويو آهي اهي مڪمل طور تي ميرٽ تي مقرر ڪيا ويا آهن، ان ۾ ڪنهن به قسم جي سفارش نه هئي ۽ ان بابت زيرو ٽالرنس پاليسي تي عمل ڪيو پيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته هن وقت اسڪرين تي موجود سمورن اينڪرز جي مقرري ميرٽ تي ٿي آهي، جيڪڏهن ڪنهن اينڪر کي آندو ويو آهي ته ان جي لاءِ مسابقتي پگهار ڏني وڃي ٿي. هن چيو ته اينڪرز جي معاملن ۾ ميرٽ تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو. پي ٽي وي اسپورٽس جي ڪارڪردگي بابت اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي وي اسپورٽس چينل بهتر انداز ۾ هلي رهيو آهي، عاليه رشيد کي پي ٽي وي اسپورٽس جو سربراهه لڳايو ويو آهي جنهن جو اسپورٽس جرنلزم ۾ هڪ معتبر نالو آهي، پي ٽي وي اسپورٽس تي اشتهار به حاصل ٿي رهيا آهن ۽ اهو چينل ڪاميابي سان هلي رهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير اجلاس کي آگاهه ڪيو ته پي ٽي وي ۾ انتظامي ۽ اداراجاتي سڌارن جو عمل جاري آهي، خاص طور تي انساني وسيلن جي شعبي ۾ سڌارن تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پي ٽي وي ۾ ڊائريڪٽر هيومن ريسورس مقرر ڪيو ويو آهي، ان کان اڳ هڪ ئي ڊي اي پي سمورا معاملا ڏسندو هو، پهريون ڀيرو سمورن ملازمن جو رڪارڊ  آٽوميشن جي ذريعي محفوظ ڪيو ويو آهي، سمورن ملازمن جا تفصيل فوري دستياب ٿي وڃن ٿا، ماضي ۾ ان نوعيت جو ڪو ٺوس رڪارڊ موجود نه هو. ڪميٽي جي ميمبرن رياستي نشرياتي اداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اداراجاتي سڌارن جي عمل کي جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.

مزید خبریں