وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪستان ريلويز ۾ جاري سڌارن ۽ ترقي جي حوالي سان نجي شعبي جي ماهرن سان مشاورتي اجلاس

اسلام آباد - 15 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ريلويز ۾ اداراجاتي ۽ انتظامي ڪارڪردگي کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي لاءِ انقلابي قدمن کي لازمي قرار ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته پاڪستان ريلويز بامعنيٰ مشاورت کانپوءِ عملي قدمن تي ٻڌل روڊ ميپ ايندڙ هفتي پيش ڪري. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪستان ريلويز ۾ جاري سڌارن ۽ ترقي جي حوالي سان نجي شعبي جي …

اسلام آباد – 15 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ريلويز ۾ اداراجاتي ۽ انتظامي ڪارڪردگي کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي لاءِ انقلابي قدمن کي لازمي قرار ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته پاڪستان ريلويز بامعنيٰ مشاورت کانپوءِ عملي قدمن تي ٻڌل روڊ ميپ ايندڙ هفتي پيش ڪري. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪستان ريلويز ۾ جاري سڌارن ۽ ترقي جي حوالي سان نجي شعبي جي ماهرن سان مشاورتي اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، وزيراعظم جي خاص معاون هارون اختر، نيشنل ڪوآرڊينيٽر ايس آءِ ايف سي ليفٽيننٽ جنرل (ر) سرفراز احمد ۽ لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين ۽ عملدارن کانسواءِ نجي شعبي جي ماهرن زيد بشير، پير سعد احسان الدين ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وزيراعظم مجموعي معاشي ترقي، علائقائي صنعت ۽ واپار ۾ تعاون ۽ عوامي سهولت ۽ ڪمرشل استعمال جي لاءِ ريلويز جي معياري ڪارڪردگي جي اهميت کي اجاگر ڪندي دستياب ذريعن ۽ معاشي مسئلن جي باوجود بهترين ڪارڪردگي تي ريلوي واري وزارت جي سموري ٽيم کي شاباس ڏني. وزيراعظم ريلوي واري وزارت جي وسيلن جي ڪمرشل استعمال جي لاءِ جامع حڪمت عملي جلد کان جلد جوڙڻ جي خصوصي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته معيشت جي مجموعي ترقي، صنعت ۽ واپار ۽ ٻين شعبن جي بهتري ۾ نجي شعبي جي ماهرن سان مشاورت حڪومت جي معاشي سڌارن جو حصو آهي، پاڪستان ريلويز گهٽ وسيلن جي باوجود انتهائي محنت سان موثر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهي آهي جنهن تي ريلويز وارو وفاقي ۽ سندس ٽيم ساراهه جي لائق آهن. هن چيو ته پاڪستان ريلويز ۾ اداراجاتي ۽ انتظامي ڪارڪردگي کي وڌيڪ موثر ڪرڻ جي لاءِ انقلابي قدم ڏهاڪن کان لازمي هئا، پاڪستان ريلويز ۾ جاري سڌارن ۽ ان کي وڌيڪ منافعو ڏيندڙ بڻائڻ سان هي ادارو ملڪي صنعت ۽ واپار جي فروغ ۽ سيڙپڪارن جي سهولت لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن هدايت ڪئي ته پاڪستان ريلويز سمورين لاڳاپيل اڪائين ۽ ادارن سان بامعنيٰ مشاورت کانپوءِ عملي قدمن تي ٻڌل روڊ ميپ ايندڙ هفتي پيش ڪري. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ريلويز جي معاشي ترقي ۽ علائقائي تعاون ۾ اهميت جي ڏس ۾ حڪومت انقلابي قدمن جو سلسلو شروع ڪيو آهي جنهن جا اطمينان جوڳا نتيجا سامهون اچي رهيا آهن، پاڪستان ريلويز بابت ترقياتي ڪمن جي لاءِ حڪومتي فنڊز جي دستيابي کي ڏهاڪن تائين نظرانداز ڪيو ويو جيڪو افسوسناڪ آهي. وزيراعظم چيو ته ايندڙ سال جي پي ايس ڊي پي ۾ ريلويز جي ترقياتي منصوبن کي متناسب بجيٽ ڏني ويندي، پاڪستان ريلويز کي عالمي سطح تي عالمي معيار جو ڪمرشل مواصلاتي نظام جو حصو بڻائڻ جي لاءِ قدم وقت جي اهم ضرورت آهن، پاڪستان ۾ معياري ريلوي نظام معاشي ترقي ۽ ملڪي آمدني وڌائڻ ۾ قدر جوڳو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن ريلويز جي ڍانچي جي منافعي بخش ڪمرشل استعمال جي لاءِ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي امڪانن جو ڀرپور جائزو وٺڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ريلويز جو معياري نظام نه رڳو اندرون ملڪ پر علائقائي صنعت ۽ واپار ۽ تعاون ۾ پڻ اهم ڪردار رکي ٿو. هن پاڪستان ريلويز جي منظم نظم ۽ ضبط ۽ منافعو ڏيندڙ ڪمرشل استعمال جي لاءِ عملي قدمن تي ٻڌل جامع ۽ موثر حڪمت عملي جلد جوڙڻ جو حڪم ڏنو. اجلاس ۾ شريڪ نجي شعبي جي ماهرن ريلويز جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ موثر بڻائڻ ۽ ان جي ڪمرشل استعمال جي ڏس ۾ مختلف سفارشون پيش ڪيون. وزيراعظم اجلاس ۾ شريڪ نجي شعبي جي ماهرن جا قابل قدر سفارشون پيش ڪرڻ تي ٿورا ادا ڪيا.